حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سول لائين جي ڊفينس پلازه واري علائقي ۾ گهر مان سماجي اڳواڻ جو لاش هٿ آيو آهي. ڪينٽ ٿاڻي جي حد سول لائين جي ڊفينس پلازه جي فيز ون ۾ گهر نمبر 108 مان سماجي اڳواڻ 35 ورهين جي فاطمه زال ڊاڪٽر جهانزيب جتوئي جو لاش هٿ آيو آهي. وارثن سندس ڪمري ۾ لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. ڪينٽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي ڪراچي مان سماجي اڳواڻ جي ڀاءُ غلام محمد جتوئي به سول اسپتال پهتو. پوليس موجب سماجي اڳواڻ جي مڙس ۽ سندس ڀاءُ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو پر تنهن باوجود ضروري ڪارروائي لاءِ ابتدائي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او تنوير شاهه جو چوڻ آهي ته فارمر پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ليڊي ايم ايل او تصديق ڪئي ته سماجي اڳواڻ مبينا طور آپگهات ڪيو آهي. ايس ايڇ او موجب سماجي اڳواڻ جي مڙس ڊاڪٽر جهانزيب پڻ اهو بيان ڏنو آهي ته سندس زال گهر جي ڇت ۾ لڳل پنکي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم جي حوالي سان سول اسپتال ۾ قائم ميڊيڪو ليگل شعبي جي انچارج ڊاڪٽر وسيم خان ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته سماجي اڳواڻ جي مڙس ۽ ڀاءُ کين ٻڌايو ته فاطمه جتوئي ڊپريشن جو شڪار هئي جنهن ڪري هن زندگي جو انت آندو آهي. ڊاڪٽر وسيم موجب سماجي اڳواڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ايم ايل او جو چوڻ آهي ته سندس جسم تي تشدد جا نشان به نه هئا جڏهن ته ڳلي ۾ رئي يا رسي جا نشان موجود هئا. هن چيو ته ابتدائي پوسٽ مارٽم دوران کين شاهديون مليون آهن ته سماجي اڳواڻ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن سماجي اڳواڻ جي اوچتي موت تي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ عورتن ۾ ڏک جي لهر پکڙيل آهي.