فريدآباد ڀرسان ڪپڙن کان آجو نوجوان جو لاش هٿ

0
356

فريد آباد (ن پ ا) فريدآباد ڀرسان ڳوٺ سوجھرو ميرواڻي ٻاھران زرعي زمين مان نوجوان جو لاش ھٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي، ڳوٺاڻن موجب نوجوان اگھاڙي حالت ۾ پيل آھي، سندس شلوار لاش کان ڪجھ مفاصلي تي پيل آهي، اطلاع تي فريدآباد پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آھي.