فيض گنج (ن پ ا ) ڳوٺ نهال خان بالادي واسي نوجوان ٽائون ڪاميٽي ملازم سينگار علي بالادي کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ري ڇڏيو. نوجوان اڪري چودڳي ٿاڻي جو ليٽر کڻي ويڪيسن ڪرائڻ لاءِ اسپتال پهتو، ته انتظاميا نوجوان کي موڪل هجڻ جو جواز ڄاڻائي جواب ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.متاثر سينگار بالادي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڪتي ڏاڙهي وڌو آهي، ويڪيسن لاءِ اسپتال ويس پر انتظاميا موڪل هجڻ جو جواب ڏئي واپس ڪيو آهي. هن چيوته طبيعت خراب آهي، ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار اسپتال انتظاميه هوندي. اسپتال انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ويڪيسن موجود آهي پر موڪل هجڻ ڪري ويڪيسن نوجوان کي نه ٿي سگهي آهي.