حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جديد سنڌي صحافت جي باني ۽ نامياري صحافي قاضي سليم اڪبر جي 45هين ورسي ملهائي ئي، ورسي جي موقعي تي نامياري صحافي قاضي سليم اڪبر جي خاندان جي فردن، دوستن، احبابن ۽ صحافين ڪينٽ قبرستان پهچي سندس مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتح خواني ڪئي، سندس گهرڀاتين پاران به قرآن خواني بعد خيرات جي ماني کارائي وئي، قاضي سليم اڪبر جي همعصرن کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن سنڌي صحافت ۾ جدت پيدا ڪئي ۽ سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏنا، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ صحافت جو معيار وڌيڪ بلند ٿيو ۽ ماڻهن جا مسئلا ۽ مشڪلاتون ايوانن تائين پهچڻ شروع ٿيون. قاضي سليم اڪبر نامياري سياستدان، صحافي ۽ سفارتڪار قاضي محمد اڪبر جو وڏو فرزند هو. هن صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ 9 مئي 1976ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندس مزار ڪينٽ قبرستان ۾ واقع آهي جڏهن ته سندس صحافتي خدمتن کي اڄ به سنڌ اندر عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو.