فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي انجري سبب ڀارت خلاف ميچ کان ٻاهر

0
655
فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي
فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي کان اڳ قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ان فٽ ٿي ويو آهي. ٽيم مئنيجمنٽ موجب شاهنواز ڏاهاڻي ان فٽ ٿي ڀارت خلاف ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي

ترجمان جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي کي امڪاني طور تي سائيڊ اسٽرين آهي ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ميڊيڪل ٽيم سندس انجري جو جائزو وٺندي جنهن بعد سندس وڌيڪ موجودگي بابت فيصلو ڪيو ويندو. ترجمان موجب شاهنواز ڏاهاڻي هانگ ڪانگ خلاف ميچ ۾ انجريءَ جو شڪار ٿيو. محمد وسيم جونيئر ۽ شاهين شاهه آفريدي پڻ گوڏي جي انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي

محمد حسينن ۽ حسن علي کي سندس متبادل طور اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ڀارت خلاف ميچ ۾ حسن علي ۽ محمد حسنين مان ڪنهن هڪ کي موقعو ملندو. واضح رهي ته قومي ٽيم ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ اڄ روائتي مخالف ڀارت سان ميچ کيڏندي