ڀتاخوري ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نورا فتيحي کان 7 ڪلاڪ جاچ

0
536
ڀتاخوري ۽ مني لانڊرنگ
ڀتاخوري ۽ مني لانڊرنگ

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي مشهور بيلي ڊانسر ۽ اداڪارا نورا فتيحي سان گذريل ڏينهن دهلي پوليس مني لانڊرنگ ۽ ڀتا خوري ڪيس بابت 7 ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي

ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتيحي تي 200 ڪروڙ ڀتا خوري ۽ مني لانڊرنگ جي مرڪزي جوابدار سوڪيش چندر کان مهانگي گاڏي سميت ٻيا قيمتي تحفا وٺڻ جو الزام آهي پوليس ٻڌايو ته نورا فتيحي موجب کيس اها گاڏي سوڪيش چندر شيکر جي گهرواري هڪ خيراتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ تي تحفي طور ڏني هئي.

پوليس چيو ته نورا فتيحي کان ڪيس جي گواهه طور پڇاڳاڇا ڪئي وئي آهي. عدالتي حڪم تي پوليس پهريون سوڪيش چندر شيکر ۽ سندس جيون ساٿي لينا ماريا پالو کي 200 ڪروڙ رپين جي ڀتا خوري جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو آهي

رپورٽس موجب پوليس چيو آهي ته سوڪيش چندر شيکر تي ڪيترن ئي باليووڊ فنڪارن کي مهانگا تحفا ڏيڻ جو الزام آهي جنهن جي جاچ پڻ هلندڙ آهي