فائنل ڏسڻ لاءِ گنگولي جي دعوت، رميز راجا جي معذرت

0
335

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا انڊين پريميئر ليگ جي فائنل ميچ ڏسڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

چيئرمين پي سي بي رميز راجا کي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه سارو گنگولي دعوت ڏني ته آئي پي ايل جو فائنل ڏسي.

ذريعن موجب ته رميز راجا معذرت ڪندي چيو ته هن کي اڄ ئي رات دبئي کان پاڪستان واپس وڃڻو آهي.

چيئرمين پي سي بي رميز راجا دبئي ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو جتي هن جي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه گنگولي سان غير رسمي ملاقات ٿي هئي.