ڄام ڪمال عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري: عبدالقدوس بزنجو

0
203
ڄام ڪمال عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري: عبدالقدوس بزنجو
ڄام ڪمال عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري: عبدالقدوس بزنجو

ڪراچي(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته عدم اعتماد جي تحريڪ داخل ٿي چڪي آهي، هاڻي اسيمبلي ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

عبدالقدوس بزنجو چيو ته جيڪڏهن بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال عدم اعتماد تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو ته مقابلو ڪري، قانون موجب تحريڪ 20 آڪٽوبر تي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي.

ٻئي طرف بلوچستان عوامي پارٽي جي ناراض ميمبر ظهور بليدي چيو آهي ته 14 ميمبرن عدم اعتماد جي قرارداد تي صحيحون ڪيون آهن، ڄام ڪمال عدم اعتماد جي تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي ان جو حق آهي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير رد عمل ۾ چيو ته عبدالقدوس بزنجو جي ذميواري آهي ته هو اسپيڪر طور غير جانبدار رهي ۽ پنهنجي حلف جي پاسداري ڪري.