غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڳوٺ مارک ڀيو ۾ جوابدار مڙس پاران مبينا ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيل ڳورهاري ناري شاهدان خاتون جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن محمد حسن ڀيو، عبدالشڪور، نادر ڀيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته پوليس اڃا تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. هنن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.