ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ ۾ ٺري بوزدار روڊ تي قائم نسوار ڪارخاني مالڪ خلاف ننڍي عمر جي ٻارن کان نسوار ڪارخاني ۾ نسوار جي پيڪنگ ڪرائڻ تي سرڪار جي فرياد تي ڪارخاني مالڪ فرمان پٺاڻ احسان پٺاڻ خلاف چائلڊ ليبر ايڪٽ تحت ميرواھ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدارن گرفتار ڪري ورتو آھي ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڊي سي خيرپور پاران فيڪٽري تي ڇاپو هنيو ويو هيو جتي ننڍي عمر جا ٻارڙا نسوار جي پيڪنگ ڪري رهيا هئا.