ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد ۾ جمالي برادري پاران نوجوان اسلم جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول نوجوان اسلم جمالي جي والد سلطان جمالي، چاچي عباس جمالي، نواب جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نوجوان اسلم جمالي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن ساٿاري بڻيل آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ايس ايچ او کي هٽائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.