عيد آئي، گذري به وئي. هيلَ اميد هئي ته عيد پاڻ سان گڏ زندگيءَ جون کوڙ خوشيون کڻي ايندي. مسرتن جا جهول ڀري ورهائيندي! پر هي ڇا؟ هڪ اڳ ئي غربت ۽ مسڪينيءَ جون حالتون مٿان وري ڪووڊ-19 جي وبا “آدم بو – آدم بو…” ڪندي عيد جا شادمانا به ڳڙڪائي وئي. هر ڳوٺ شهر مان عيد نماز سان گڏ جنازن جا اعلانَ پڻ ٿيندا رهيا! اهو سڀ ڪجهه نهايت خوفناڪ هو؛جنهن جا حقيقي منظر اسان سڀني اڳيان حاضر هئا!
سچ ته هيءَ عيدبه گذريل سال جي عيد جيان ئي هر طرف نراسائي جو سامان کڻي پهتي. اهڙي حالت ۾ رشتن ناتن کي ورتل سينور به صاف نظر آيو. سڀ ڪجهه ايترو مصنوعي لڳو جوهر ذي شعور ماڻهو پنهنجي پاڻ کان به اوپرائپ محسوس ڪري رهيو هو. گذريل ٻن مهينن کان ڪورونا، انساني زندگي ۽ معاشرتي ڪاروهنواز کي هڪ ڀيروٻيهر ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. ان جو سڀ کان گهڻو متاثر پورهيت طبقو ئي رهندو پيو اچي. گهٽيءَ ۾ ٻارن جا شين کپائڻ لاءِ آواز، ننڍڙا گلن جهڙا معصوم ٻار نحيف ڪلهن تي ڪڏهن پاپڙن ته ڪڏهن ڇولن جا ٿالهه کڻي هوڪا ڏيندا رهيا. هنن کي ته هوڪا ڏيڻ به نه پئي آيا!هڪ ننڍڙي کي، جنهن سان گڏ هن جي ڀيڻ به هئي، بيهاري معلوم ڪرڻ چاهيم ته “عيد جي ڏينهن تون هي پاپڙ ڇو پيو کپائين، تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟” جواب ڏنائين ته “بابو گهر ۾ ويٺو آهي. ڪافي ڏينهن کان مزدوري ناهيس ملي، هاڻي ته اسان وٽ کائڻ لاءِ به ڪجهه ناهي…”. “بس ياحسين” چئي ٿڌو شوڪارو ڀري گهر ڏانهن ٿڪل قدمن سان روانو ٿيس. اڃا ان ننڍڙي جي ڳالهه وسارڻ جي ڪوشش ڪيم ته گهرواريءَ ٻڌايو ته “پاڙي واري عورت آئي هئي. هو شڪريو ادا پئي ڪري ته هن ڏانهن پنهنجي ٻارن جا پراڻا ڪپڙا موڪليا هئا. ساڳي وقت اهو به چيائين ته مڙس گڏهه گاڏو هلائيندو آهي، جنهن کي چيائين ته عيد لاءِ ٻارن کي ڪپڙا وٺي ڏئي. مڙسهس ورندي ڏنس ته کائڻ لاءِ ئي ڪجهه ناهي ته ٻارن جا ڪپڙا ڪٿان خريد ڪجن!” هاڻي جڏهن عيد آئي ته اهي ٻارڙا ياد پيا اچن. جيڪي عيد تي نوان ڪپڙا به نه پائي سگهندا!
خبر ناهي اهو ڪهڙو زمانو هو جڏهن عيدون خوشين جا ڏڻ هونديون هيون؟ پر هاڻي عيدون به عام ڏهاڙن جيان گذري وڃن ٿيون! اهي به ڏينهن هوندا هئا، جو سڀني جون سڀ خوشيون ساڳيون هونديون هيون. ڏک سک به ساڳيا ته شادي غميون به هڪجهڙيون. عيد ايندي هئي ڪوبه منهن لٿل نه هوندو هو. مڙئي شڪايتون پکين جيان اڏامي وينديون هيون. عيد، حقيقي طور “تجديد تعلقات” جو ڏڻ هو. نوان ڪپڙا، نوان جوتا، ڇوڪرين جي هٿن تي ميندي، چوڙيون، رنگ برنگي ڪپڙا. عيد کان اڳ مشين تي سنهي پيٺل اٽي مان سيون ٺاهڻ. انهن کي سڪائڻ ۽ صبح جو پاڻ کائڻ، پاڙي وارن کي ڏيڻ. اهو سڀ ڪجهه هڪ شاهوڪار تهذيب جون نشانيون هونديون هيون؛ ڇاڪاڻ ته خوشيءَ کان وڌيڪ ڪا به شيءَ امير ناهي هوندي، پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٿئي. ڪجهه جاين تي ضرور اهو سڀ ڪجهه ورجائبو هوندو، پر دل سان نه ڇاڪاڻ ته جيون ۾ ئي اهو چس ناهي رهيو!
چس ته هاڻي ان پوڙهيءَ عورت جي حياتيءَ ۾ به ناهي رهيو، جنهن جو پٽ ڪراچيءَ ڪمائڻ ويو. اتي ئي شادي ڪري ڇڏيائين هاڻي ته عيد برآت تي به ڪونه موٽي. بس خاص موقعن تي پوڙهي ماءُ ڏي روايتي نموني سان فون- “امان… خوش آهين… ڳوٺ ۾ سڀ خير آهي… ها امان، اڳين عيد تي ضرور ايندس!” چئي فون ڪٽي ڇڏڻ! ان سڄي منظر ۾ان پيرسن عورت کي شروع ۾ ته ڪوبه ڏک ناهي، جي آهي ته به ان جو اظهار نه ٿي ڪري. ٻين مائٽن جي معلوم ڪرڻ تي ايترو سو چئي ٿي ته “خير آهي جي هن عيد تي نه آيو ته منهنجو پٽ مٿين عيد تي ضرور ايندو. منهنجو پٽ سٺو آهي، بس هو ٿورو مصروف ٿي ويو آهي. وڏن شهرن جا مسئلا به ته گهڻا آهن. اتان نڪرڻ ڪو سؤلو ته ناهي…!” اهو چئي هو خاموش ٿي وڃي ٿي. شايد پاڻ کي سمجهائڻ جي ڪوشش پڻ! ڪجهه دير کانپوءِ اها پوڙهيءَ عورت ٻيهر ڳالهائي ٿي- “منهنجو پٽ جڏهن ننڍو هوندو ته عيد جي ڏينهن هو هر شيءَ مونکان گهرندو هو. امان، هي کپي، امان، مونکي هيءَ شيءَ وٺي ڏي. مونکي ڪپڙن جا ٻه وڳا کپن. مونکي جتي به گهرجي ته سينڊل به کپي… ۽ پوءِ عيد جي رات هو سڀ شيون پنهنجي کٽ تي رکي سمهندو هو. سينڊل جي دٻي کي ته سيني سان لڳايو ننڊ ڪندو هو. هن جو پيءُ جيئرو هو. هن جي هر خواهش پوري ڪندو هو. ڀر واري ڳوٺ جي ميلي تي صبح جو هلڻ جو ضد ڪندو هو. پڻهس ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن موٽر سائيڪل تي اڳيان ويهاري هن کي ميلي تي وٺي ويندو هو. شام جو ٿڪجي ٻئي پيءَ پٽ گهر ايندا هئا ته مان هنن لاءِ گوشت جي ڀاڄي تيار ڪندي هئس. هو پنهنجي بابي سان ويهي گڏ کائيندو هو. هاڻي ته نه هن جو بابو رهيو نه ئي پاڻ اچي…” اهو چئي ضعيف عورت لڙڪ لاڙي ويٺي. سندس ڳالهيون ٻڌي منهنجون اکيون به ڀرجي آيون. واپس گهر ايندي پڇتائيندو رهيم ته ناحق ان پيرسن عورت سان عيد ۽ هن جي پٽ بابت ڳالهايون کوليون. جن جي ٻڌڻ کانپوءِ سيني ۾ دردُ ڇولين جيان اڀري لهي پيو!
عيد گاهه کان ٿيندي گهر واپسي تي چاچو حسن مليو. خير عافيت کانپوءِ دل چاهيو ته هن سان عيد ۽ خوشيءَ جون خبرون ونڊ ڪجن. ڇاڪاڻ ته هو هاڻي ٻارهو ئي اداس رهندو آهي! “چاچا، عيد جي تياري ڪئي اٿئي؟” سوال تي هن جي نرڙ تي گهنج پئجي ويا. “ڪهڙي عيد، ڇا جي عيد؟ ماڻهو مرن پيا. روز مقام اندر بٺين ۾ اضافو پيو ٿئي، توهان ماڻهن کي عيد جي لڳي آهي!” چاچي حسن جو نوجوان اڪيلو پٽ ڪجهه سال اڳ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو هو. هو اڄ به پنهنجي نوجوان پٽ کي ياد ڪري ڪڏهن گهٽين ته ڪڏهن گهر ۾ اوڇنگارون ڏئي روئندو آهي. عيد جي ڏينهن هو اڪثر سڄو ڏينهن مُقام ۾جوان پٽ جي قبر تي ويٺل نظر ايندو آهي! هو اتي ويهي پٽ جي مزار کي ايئن پيو هٿ لائيندو آهي، ڄڻ هو زنده هجي. ماڻهو صبح جو اچن ٿا. پنهنجي عزيزن تي فاتحا پڙهي هليا وڃن، پر چاچي حسن جون ڪافي سالن کان عيدون مقام ۾ جوان پُٽَ جي مرقد تي ئي گذرن ٿيون. جوان پٽ جو وڇوڙو ڪيڏو نه المناڪ هوندو آهي. چاچو حسن ان جي زنده تصوير آهي.
گذريل سال جيان هيلوڪي ورهيه به ڪورونا جي ڪري موريل شاهه بخاريءَ جو ميلو نه لڳي سگهيو. نج ٻهراڙيءَ جي شاهوڪار ڪلچر سان ڀرپور ميلو، جنهن ۾ ملاکڙو به ٿيندو هو ته وڏيون بازارون به لڳنديون هيون. انهن بازارن ۾ شام ويلي ڪو ڳڀرو، جڏهن پنهنجي چنچل محبوبا لاءِ سوکڙيءَ طور ڪڏهن سڳيون ته ڪڏهن ڇلو ته ڪڏهن رنگين چوڙيون ته ڪڏهن ڪو پرس وٺندي نظر ايندو هو. هاڻي انهيءَ رستي تي ويرانيءَ جا منظر آهن. سماج جي انهن دکدائڪ منظرن ۾ “عيدون اينديون… خوشيون آڻينديون!” جو جملو کوکلو لڳي ٿو.