عالمي سرمائيداري پنهنجي استحصالي پنجوڙ کي طاقتور ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجا اندروني تضاد گھٽ ڪندي پوري دنيا ۾ پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي قدم وڌائيندي ارتقا جي وحشي ڏاڪي تي پهچي سامراجيت جي صورت اختيار ڪئي. دنيا جي عوام دوست ڏاهپ سرمائيداريءَ جي انهيءَ منزل کي ارتقا جي آخري حد سڏيو. ڪامريڊ لينن چيو ته “سامراجيت ۾ پهچڻ کان پوءِ سرمائيداريءَ جي ارتقا زوال جي طرف وڌڻ شروع ٿيندي ۽ انهيءَ جو خاتمو لازمي ٿيندو” سامراجيت جي انهيءَ وصف کي معاشي استحصال ۾ جبري ارتقا ۾ بحث ڪيو ويو ۽ ان زاويي کان اهو بلڪل ٺيڪ هو ته سرمائيداري پنهنجي معاشي استحصالي جبري ارتقا ۾ سامراجيت جي ڏاڪي تي پهچي ۽ ان جي پهچڻ کان پوءِ انهيءَ جو عالمي سياسي ڪردار ڪهڙو هوندو انهيءَ تي بحث تمام گھٽ ڪيو ويو آهي. شروعات کان سرمائيداريءَ تي بحث هڪ رخ کان ڪيو ويو ته سرمائيدار پنهنجي دولت ۽ مڪاريءَ سان حب الوطني ۽ عالمي انسانيت جو ڄار اڻي جمهوريت جو اهڙو ڪلچر وڌايو آهي جو هن مڪمل طور تي جمهوريت کي فتح ڪيو، اهوئي سبب هو جو کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ آئيڊيالاجي رکندڙ فلسفي جي پوئلڳن ان جمهوريت کي بورجوازي جمهوريت جو نالو ڏنو،سوشلسٽ معيشت کي ۽ نظام کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرولتاري آمريت ۾ ئي بهتري سمجھندي پنهنجو پاڻ کي اتي ئي بند رکيو. سوويت يونين جي 70 سالن جي دور گذرڻ جي باوجود سياسي ارتقا بلڪل نه ٿي توڙي جو معاشي ارتقا معاشي ترقي تمام گھڻي اڳتي وڌي ليڪن بورجواز جمهوريت جي خوف کان سياسي نظام کي آمريت جي پنجوڙ ۾ ئي جڪڙي رکيو ويو، تڏهن پوري دنيا ۾ سرمائيدار انساني حقن ۽ جمهوريت جي نالي تي پنهنجي عظمت ۽ انسانيت جي دعويٰ ڪندا رهيا پر ڪميونسٽ ملڪ پنهنجي سياسي نظام جو اهو رخ آڻي نه سگھيا جنهن کي عوامي جمهوريت جي نالي سان سڏيندا هئا. سرمائيداري دنيا پنهنجن حرڪتن ۾ ۽ استحصال ۾ جيڪو ڪجھه به ڪيو انهيءَ کي انسانيت ۽ جمهوريت جي نالي ۾ بيلينس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. دنيا تي جبر ۽ ظلم جيڪو سامراجي وحشت جي آخري حدن تائين ڪيو پر جمهوريت جي نالي ۾ اهو پنهنجا گناھه پاڻ ئي ڌوئي ڇڏيندا رهيا. سرمائيدار دنيا کي ان وقت وڌيڪ اخلاقي حمايت حاصل ٿي جڏهن جرمني جي سياست هٽلر کي جنم ڏنو. هٽلر نسل پرستيءَ ۽ عظيم جرمن قوم جي هٿيار سان جيڪا سياست شروع ڪئي تاريخ ۾ انهيءَ جابراڻي سياست کي فسطائيت جو نالو مليو يا فاشسٽ دنيا ۾ پنهنجي حاڪميت کي حق بجانب سمجھندي پوري دنيا کي جنگ جي بٺيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو. ٻي عالمي جنگ ۾ رڳو اڪيلو هٽلر يا جرمني نه هئا پر انهيءَ سان گڏوگڏ انهيءَ جا اتحادي اٽلي ۽ جاپان به هئا ليڪن فسطائيت جو پورو گند جرمنيءَ تي ڪريو ۽ هٽلر پوري دنيا جي فسطائيت جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائي ڇڏيو. انهيءَ دوران نسل پرستيءَ جي انهيءَ گند ۾ جرمني جي اندر رهندڙ يهودي تمام گھڻا متاثر ٿيا، تڏهن دنيا ۾ فسطائيت ۽ جمهوريت جو بلاڪ وجود ۾ آيو. سرمائيدار دنيا فسطائيت جي مقابلي ۾ انسان دوست سڏجڻ لڳي، جڏهن ته تاريخ ۾ ان سرمائيدار جارحيت ايترا وڏا ظلم ڪيا جو انهيءَ جو مقابلو يا ان جي تور اڳيان هٽلر ڪا خاص معنيٰ نه پئي رکي پر فسطائيت جي لعنت جو طوق هٽلر جي ڳچيءَ ۾ پيو ۽ سرمائيدار دنيا جا سڀ گناھه ٻي عالمي جنگ کان پوءِ مٽجي ويا. انهيءَ دور دنيا کي ٻن حصن ۾ ورهايو جو ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اوڀر يورپ جو وڏو حصو سوويت يونين جي قبضي هيٺ آيو قبضي هيٺ آيل ملڪن جي اندر ڪميونسٽن جون حڪومتون قائم ڪيو ويون، جرمنيءَ جي ورهاست کان پوءِ يورپ هڪ نئين نفسياتي پيڙا ڀوڳي رهيو هو ۽ ان پيڙا جو نالو ڪميونسٽ آمريت هو. سرمائيدار دنيا جي سامراجيت انهيءَ جو پورو پورو فائدو وٺندي پنهنجو پاڻ کي انسانيت ۽ جمهوريت جي بچاءُ ڪندڙ طاقت سڏيو. 70 جي ڏهاڪي ۾ عالمي سامراج جي اڳواڻ آمريڪا جيڪو ويٽنام سان ڪيو، اهو انسانيت جي تاريخ ۾ دردناڪ دور ياد ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ کان علاوه ٽئين دنيا جي اندر آمريتن کي مضبوط کان مضبوط تر ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي. تاثر هيءُ ڏنو ويو ته اهو سڀ ڪجھه ڪميونسٽ آمريت کان بچڻ لاءِ حڪمتِ عمليءَ جو حصو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهيو. سڀ کان وڌيڪ دنيا جي سرمائيداري سامراجيت جي نگاھه وچ اوڀر تي رهي جتي دنيا جي تيل جو 61 سيڪڙو ذخيرو آهي ۽ پوءِ دنيا ڏسي پئي ته انهن ملڪن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي وئي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ نيو ورلڊ آرڊر جي تلوار سامراجي مياڻ کان ٻاهر نڪتي ۽ پوري دنيا جي اندر سرد جنگ کان پوءِ سامراجيت پنهنجي لٽ مار کي برقرار رکڻ لاءِ سڌي سنئين فسطائيت جو روپ ظاهر ڪيو. مذهب ، نسل ، قوم پرستي ۽ قبيلائي تڪرارن کي نه رڳو هٿي ڏني وئي پر انهيءَ سان گڏوگڏ جتي جتي ضرورت محسوس ڪئي وئي اتي هنن پنهنجو سڌو فوجي پاور استعمال ڪيو. بغداد کان افغانستان تائين لبيا کان فلسطين تائين پوري دنيا سامراجيت جو فاشي ڪردار ڏسي پئي. ڇا دنيا جا سرمائيدار ملڪ تاريخ جي ان حقيقت کان اڻ واقف آهي ته فلسطين جي ڌرتي اتان جي فلسطنين جي تاريخي ورثي ۾ اچي ٿي. فلسطين جو وطن فلسطينين جو آهي، انهيءَ تي ڪنهن به ٻئي جو ايترو حق ناهي جيترو فلسطين جو آهي. هي به بحث عجيب دنيا کي بيوقوف ڪرڻ لاءِ اٿاريو ويو آهي يا ڪيو وڃي ٿو ته يهودي جن عظيم مائيگريشن حضرت موسيٰ جي دور ۾ فرعون جي ظلمن کان نڪرڻ جي لاءِ ڪئي هئي انهن کي خداوند فلسطين جي زمين تحفي ۾ ڏني، جڏهن ته تاريخي حقيقت بلڪل انهيءَ جي ابتڙ آهي ڇو ته فلسطين جي علائقي ۾ هزارين سالن کان ماڻهو رهندا هئا جيڪي فلسطين جا اصلي باشنده هئا. حضرت موسيٰ بني اسرائيل کي اتي آباد ضرور ڪيو پر هي پيغام ڪنهن به صورت ۾ نه ڏنو ته اتي اصل باشندن جو ڪو حق ناهي. تاريخي حقيقت ته اها آهي جنهن جو اظهار سگمن فرائيڊ حضرت موسيٰ ۽ يهودين متعلق لکندي ڪيو آهي ته خود يهودين تاريخ جو وڏو گناھه ڪندي حضرت موسيٰ جو قتل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ ان قبيلي جي اندر انتشار پيدا ٿيو. گناھه جي ان پڇتاءُ کان پوءِ هو حضرت موسيٰ جي پيغام جي پوئلڳي ڪندا رهيا. شروعات کان وٺي يهودين جو تڪبري نظريو اهوئي رهيو آهي ته هو خدا جي خاص مخلوق آهن، اها فسطائي سوچ مذهبي صورت ۾ اسان کي نظر ٿي اچي، جيئن نسل پرستيءَ جي سياست يا هٽلر جو نظريو ته جرمن آرينس دنيا جو عظيم نسل آهي، انهن کي اهو حق آهي ته هو پوري دنيا ۾ پنهنجي حڪمراني قائم ڪن. ساڳيو يهودين جو نظريو، پنهنجي بالادستي اعليٰ ۽ اتم هجڻ ڪري تاريخ جي هر دور ۾ سڀني سان ٽڪراءَ ۾ رهيا. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ عالمي سامراجيت پنهنجي طاقت استعمال ڪري يروشلم ۾ يهودي رياست قائم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪندي اسرائيلي رياست جو بنياد رکيو، تڏهن کان هن مهل تائين هڪ طرف فلسطين جا اصل باشندا اسرائيل جي ظلم جو شڪار پيا ٿيندا اچن. دنيا جي سامراجيت جي جمهوريت ۽ انسان دوستي اسان کي واضح صورت ۾ نظر پئي اچي ته ڪهڙي ۽ ڪيئن موجود آهي. هن وقت پوري دنيا جي اندر سامراجيت جو ڪردار مڪمل طور تي فاشزم جي رنگ ۾ رنڱجندي نظر اچي رهيو آهي، ڇو ته جڏهن معاشي تضاد شدت اختيار ڪري رهيا آهن ۽ دنيا ۾ هاڻي ڪميونسٽ آمريت جو ڪو به خوف ناهي بچيو تڏهن سرمائيداري دنيا پنهنجي مڪمل سامراجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ جيڪا پاليسي اختيار ڪندي، اها لازمي طور تي فسطائيت جي پاليسي هوندي انهيءَ کان سواءِ هنن وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. دنيا جي وسيلن جي ڦرمار ڪرڻ جو واحد رستو اهوئي آهي ته هو فسطائيت جو رستو اختيار ڪن. استحصال ان رهزنيءَ کي جنم ڏيندو آ جنهن ۾ انسان جي حيثيت صرف ۽ صرف پيداواري اوزار کان وڌيڪ ناهي رهندي. انسان سرمائيدارن جي اڳيان پيداوار جو اوزار ۽ ڌرتيءَ جا وسيلا هن جي تصور ۾ سندس ملڪيت آهن، جنهن کي استعمال ڪرڻ جو هن کي پورو پورو حق آهي. هو پنهنجي انهن مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جبر جي آخري حد تائين ويندو. هن وقت سامراجي فسطائيت رڳو طاقتور ملڪن پنهنجو پاڻ تائين نه رکندي انهيءَ سان گڏوگڏ پوري دنيا جي اندر هاڻي فسطائيت جو نيٽ ورڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ ان کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي بدترين بحرانن کي پوري سازشن سان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن وقت دنيا جي اندر هڪ طرف عالمي فسطائيت آهي ته ٻئي طرف عالمي مظلوميت آهي، هن وقت مظلوميت جو سياسي بنياد تمام گھڻو ڪمزور آ پر فسطائيت جو مقابلو، انهيءَ مظلوميت کي ڪرڻو آ عوام ئي ان فسطائيت کي ۽ سامراجي رهزنيت کي ختم ڪري دنيا کي جنگ جي ۽ نفرتن جي بٺي کان ٻاهر ڪڍندو.