اسان جي گاڏي جڏهن ماضي جي تاريخ بڻجي ويل هاڪڙي درياءَ جي ونگو تڙ پار ڪرڻ کان ڪجھه ويل پوءِ جهول کائي هيٺ ڏهر ۾ تيز ڀڄڻ لڳي ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٿري گاھه،ٻوٽن ۽ وڻن ٽڻن سان ڍڪيل واري جي ڀٽن جو هڪ درياءَ ڏسڻ ۾آيو. مون سوچيو ته ٿر جي واري جي ڀٽن جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ اهڙي هئي، ڄڻ هنن ڀٽن کي ڪنهن درياءَ تخليق ڪيو هجي، يا ڪنهن درياءَ جو اهڙو دريائي سُڪل بيڊ (پيٽ) هجي جنهن کي درياءَ جي وهڪري جو اوسيئڙو هجي ۽اوچتو منهنجي ذهن جي اُڏار مان تاريخ جا ورق اُٿلڻ لڳا ۽ منهنجي خيالن ۾ اها تاريخي ڳالھه تري آئي ته هيءَ ته فطري حُسن رکڻ واري اُها ڌرتي آهي جتان اڄ کان سوين سال پهرين حياتياتي رنگا رنگي سان ڀريل رقصان درياءَ هاڪڙو گجگوڙ ڪري هاڪ وهندو هو، جنهن جي رقصان لهرن ۾ وڏا وڏا جهاز هلندا هئا.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻَند اروڙ
بِهه، مڇي، لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي
آئون جڏهن واريءَ جي ڀٽن جو جائزو وٺڻ لڳس ته مون ڏٺو ته ٿر رڳو واريءَ جون ڀٽون نه آهن پر ٿرهڪ قدرتي ريگستاني وادي آهي جنهن کي هزارين سال اڳ هاڪڙي ۽ سرسوتي درياءَ پنهنجن مست وهڪرن سان تخليق ڪيو هو.پر پتو نه آهي ته ڌرتي ۾ ڪهڙي ڦير گھير ٿي جو پهرين پهرين مست موجن ۾ وهندڙ ندي سرسوتي سڪي وئي پوءِ هاڪڙو درياءَ پنهنجي محبوب ندي جي ڏُک ۾ هاڪ وڃائي ختم ٿي ويو.آئون سوچي رهيو هوس ته هاڻ جيڪڏهن دريائن جي ديس جي ڌرتي ٿر تي جيڪڏهن مينهن نه وسي ته ٿر جي فطري سونهن اُداسي ۽ درد ۾ بدلجي ويندي آهي.مون گاڏي جي دري کان ٻاهر گرم۽ تيز ساڙيندڙ لُڪن ۽ جهولن جي ريگستان جو جائزو ورتو ۽ ڏٺو ته ٿر جي واري گرم سج جي ڪرڻن سان تپي باھه ٿي وئي هئي. وڻ ٽڻ لوساٽجي رک ٿي رهيا هئا ۽ ڪوسيون هوائون لُڪن جي صورت ۾ هلي رهيون هيون، جيڪي هر ساھه واري کي تڪليف ڏئي رهيون هيون.خاص ڪري مينهن جي اوسيئڙي جو هڪ ننڍڙو ۽ خوبصورت پکي ٻاٻيهو ٿر جي گرم لُوه ۽ لُڪن جي تڪليف سهي نه سگھندو آهي ۽ تڙپي تڙپي مري ويندو آهي.
منجهان مُنهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري
ته مر لڳي لُوه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران
اسان جي گاڏي جڏهن واريءَ جي ڀٽن جي وچ مان ٺهيل روڊ تان مٽي اسلام ڪوٽ ٿر ڪول فيلڊ جي علائقي ۾ پهتي، جتي “ٿر بدليندو پاڪستان” جي نعري هيٺ،ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي هئي، ترقي جي نالي ۽ ملڪ مان لوڊ شيڊنگ کي ختم ڪرڻ جي بهاني ٿري ماڻهن کي پنهنجن تاريخي علائقن مان بيدخل ڪيو پئي ويو. ٿر جي ماروئڙن کي پنهنجي تاريخي روزگار مان بيدخل ڪيو پئي ويو. وڻن، ٻوٽن ۽ گاھه سان ڍڪيل واري جي ڀٽن جي ڇاتيءَ مان ڪول پاور پلانٽس جي شڪل ۾موت جون فيڪٽريون اُڀيون ٿي رهيون هيون. مارئيءَ جي وطن، ٿر جي رنگا رنگ ثقافت، دل ڪش تهذيب، امن، سڪ، محبت، مهمان نوازي، سادگي ۽ ٿر جي فطري حُسن جي سرزمين کي ڪالونائز ڪري تباھه ڪيو پئي ويو. جيئن جيئن گاڏي اڳتي وڌندي وئي تيئن تيئن اُداسي ۽ بربادي واري ڪيفيت پڻ وڌندي پئي وئي. ٿر جي ڌرتي ڌڻين جا چمڪندڙ چهرا لوساٽجي رهيا هئا.ٿر جي ڌرتي جيڪا هر ويل ڪارن ڪڪرن جي اوسيئڙي ۾ خاموش، صدا جو روپ ڌاري پنهنجن مارو ماروئڙن، جهانگين، سانگين، سادن ۽ سٻاجهڙن ماروئڙن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏئي هن دنيا جي نقشي تي آباد رکندي اچي پئي هاڻ اها ڌرتي ڪارپوريٽ جي بلڊوزرن ۽ هيوي مشينريز جي ذريعي ميسارجندي پئي وڃي.
اسين قانون لاڳوڪندڙ ايجنسين جي مختلف چيڪ پوسٽن کان پنهنجي شناخت ڪرائيندي ابن جو تڙ کان پوٺوهار جيپ ۾ سوار ٿي ٻٽڙا ۽ ڄامن سمون روانو ٿيا سين ته ٿر جي وڻن،ٻوٽن ۽ گاھه سان ڍڪيل واري جي ڀٽن جي وچ مان ٺهيل گس تان اسان جي جيپ لنگھي رهي هئي. اسين گس جي ٻنهي پاسن کان ٿر جي دل کي موهيندڙ فطري ۽ حسين منظرن کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين. جيپ واري جي ڪچي رستي تان وروڪڙ کائيندي هلندي رهي، مون ڏٺو ته ٻنهي پاسن کان ڳوٺ ۽ وستيون، جيڪي چنئورن جي گھرن تي مشتمل هئا، تمام گھڻو خوبصورت لڳي رهيا هئا. ڳوٺن جا ٻار ۽ عورتون ٿر جو خوبصورت ميوو “پيرون” ڄار جي وڻن مان چونڊي رهيا هئا.ٻنهي پاسن کان ڀٽن تي موجود ڪونڀٽ جا سُڪل وڻ سارنگ جي ساٺ ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ پنهنجون ٻانهون ڦهلايو بيٺا هئا ڇو ته ڪونڀٽ جي وڻن کي پتو آهي ته جڏهن سانوڻ سينگاريندو ۽ ڪڪر قطارون جوڙيندا پوءِ وڏ ڦڙي جي وسڪار ٿيندي تڏهن ئي ٿر جي ڌرتي تي موجود ڪونڀٽ جا وڻ سُهاڳ ماڻيندا. ٻئي طرف مينهن جي اوسيئڙي ۾ ڪونڀٽ جي وڻن جي چهرن تي هڪ عجيب اُداسي ڇانيل هئي ۽ ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ڪونڀٽ جا وڻ خاموش زبان ۾ هڪٻئي سان پنهنجي بربادي جو ذڪر ڪري رهيا هجن ۽ پڪاري اهو چئي رهيا هجن ته هو ڏسو راڪاس، جيڪو هزارين ٿرين کي بي گھر ڪندو، کين پنهنجين زمينن ۽ گئوچرن مان بيدخل ڪندو، ٿر جي فطري حُسن کي ڪالونائز ڪندو، ٿر جي رنگا رنگي واري منفرد ثقافت کي برباد ڪندو،اڻ ڳڻيا گاھه ۽ وليون جن ۾ گولاڙي جي ول، ٽوھه جي ول، ڳاڱيون، ڳنڍير، ڳم، لنب، لُلر، لاڻي، سڻ، کاراهو، مکڻي، سيارچ، لوڻڪ، مريئڙو، سائون ۽ کنڀي ٿر جو سفيد گوشت، جن کي ڀيليندو تباھه ڪندو اڳتي وڌي رهيو آهي. ٿر جاڪونڀٽ ٻڌائي رهيا آهن ته ٿر ڪول ڪمپنيون اسان جي ساٿي وڻن، جن ۾ روهيڙو، ٻاوري، ڄار، کبڙ ۽ ڪنڊي، کي برباد ڪري رهيون آهن. مون ٿر جي حُسناڪين جي آسمان تي محسوس ڪيو ته ڀٽن جي ٻنهي پاسن کان ٿر جي فطري حُسن کي قائم رکندڙ انيڪ قسم جا وڻ، ٻوٽا، وليون، گاھه ۽ هر قسم جي ويجيٽيشن جن کي ميگهه ملهار جو اوسيئڙو ستائي رهيو هو، جن جي رنگا رنگي چهرن تي ٿر ڪول ڪمپنين جي تباهي ۽ بربادي جون اداسيون ۽ ويرانين جو راڄ نظر اچي رهيو هو. ٿر جي سمورن ماروئڙن ۽ ساڃاھه وندن کي سندن رنگا رنگي حُسناڪيون ٻانهون ڦهلايو ڪارپوريٽ ۽ ٿر ڪول ڪمپنين جي تباهي ۽ بربادي کان آگاھ ڪري رهيون هيون.
گڏو گڏ کين خبردار ڪري چيو پئي ويو ته ٿر واسيو سوچيو جيڪڏهن ٿر جي ڪل ايراضي 20 هزار چورس ڪلو ميٽرن مان 9100 چورس ڪلو ميٽرن تي ڪوئلو موجود آهي، جنهن کي 13 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي مختلف ڪوئلي جي ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويندو ۽ هن وقت تائين ته رڳو ٽن ڪول ڪمپنين جنهن ۾ اينگرو، سائنو ۽ اوريل کي بلاڪ 1، 2 ۽ 6 حوالي ڪيا ويا آهن، جن مان رڳو ٻن بلاڪن تي ڪم هلندڙ آهي. انهن ٻن بلاڪن جي ڪمپنين اينگرو ۽ سائنو سنڌ شنگهائي ڪمپنين ٿرين سان ايڏيون وڏيون ناانصافيون ۽ زيادتيون ڪيون آهن جنهن جي ڪري انهن بلاڪن ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جو وجود ۽ ٿر جو فطري حُسن خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڪوئلي کي ڪڍڻ لاءِ ٿر جي ڀٽن ۽ زمين جي وڏي پيماني تي کوٽائي ڪئي پئي وڃي. نتيجي ۾ انهن بلاڪن ۾ ايندڙ سموري علائقي جو فطري ماحول ۽ حياتياتي رنگا رنگي تباھه ۽ برباد ٿي رهي آهي. ڳوٺن۾ رهندڙ ماروئڙن کي نالي ماتر معاوضي جي نالي ۾ هزارين ماڻهن کي بي گھر ڪيو پيو وڃي. ٿرين کي سندن زرعي زمينن ۽ گئوچرن مان جبري بيدخل ڪيو پيو وڃي.زمين حاصل ڪرڻ واري عمل سبب بي دخلي، بي گهر ٿيڻ ۽ ڪمزورٿيڻ وارا مسئلا پئدا ٿي رهيا آهن. زبردستي سان بي دخل ڪرڻ واري عمل ۽ گائوچر جو ڪوبه معاوضو نه ڏيڻ سبب بي دخل ٿيندڙ ماڻهو سخت بدحالي جو شڪارٿي رهيا آهن. زمين حاصل ڪرڻ دوران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ بي ضابطگيون عروج تي پهچي چڪيون آهن.
جيپ واريءَ جي گھس مان ور وڪڙ کائيندي ڀٽن مان هلندي جهول کائي ٿي، آئون سوچن مان ٻاهر ٿو نڪران، ڏسان ٿو ته اڃا ٻٽڙا ڪونه پهتا آيون، وري خيالن ۾ گم ٿو ٿي وڃان ۽ ڏسان ٿو،
ٿر ڪول جا ٻه متاثر سارو ڏينهن روينيو آفيسن جا چڪر ڪاٽي مايوس ٿي ٿڪجي ٻٽڙا ڳوٺ جي ويجهو، هڪ ٿر ڪول ڪمپني پاران پکيڙي ويندڙ بربادي جي خوف ۾ ورتل هڪ اُداس روهيڙي وڻ جي هيٺ ويهي ٿا رهن ۽ پنهنجي بربادي تي ماتم ٿا ڪن. ٿوري ويل کانپوءِ روهيڙي وڻ تي ويٺل ٿر جو خوبصورت ۽ ننڍڙو پکي ٻاٻيهو،مينهن جي اوسيئڙي ۾ تنواري ٿو ۽ وڻ جي هيٺ ويٺل ماروئڙن کي چوي ٿو،
“منهنجا ماروئڙا،ڊڄو اُن ڏينهن کان جڏهن 9100 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل 13 بلاڪن جي کوٽائي ٿيندي ۽ ان کانسواءِ موت جي فيڪٽرين جي صورت ۾ ڪوئلي جا ڪارخانا لڳندا، تڏهن ان ايراضي تي آباد 9 لک ٿر جي ماروئڙن جي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويندي. انسانن سميت هر جاندار هن ڌرتي تان بيدخل ٿي ويندو. پوءِ نه رهنديون ٿر جون ڀٽون، نه رهندو ٿر ۽ نه رهندا ٿري ماروئڙا. چئو طرف ٿر ڪول ڪمپنين جي موت جو راڪاس ڪارخانن جو زهريلو اخراج ٿر جي فضا ۾ ڦهلجي ويندو، جنهن ڪري وڏي پيماني تي فضائي آلودگي پيدا ٿيندي ۽ نتيجي ۾ سڄي ٿر جي ماحوليات تباھه ٿي ويندي. ٿر جا هزارين ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويندا، صحت جا تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿيندا، جنهن جي ڪارڻ هزارين ماڻهون موت جو کاڄ ٿي ويندا.”ٻاٻيهو ٿوري دير جي لاءِ اُداس ٿي ٿو وڃي، پوءِ تنوار ڪري ٿرين کي پڪاري چوي ٿو، “هُو ڏسو اوهان جي سامهون اجگر ڪمپني جو ڪول پاور پلانٽس خوني پير ٿر ڌرتي جي ڇاتي ۾کوڙي بيٺو آهي ۽ پنهنجي چمني مان ڪارن ڪڪرن وانگر زهريلي گيسن جو دونهون پيو اوڳاڇي، اهو ڪيميڪل وارو زهريلو دونهون جيڪواوهان جي زمينن، وڻن، ڌرتيءَ تي موجود سموري حياتياتي رنگا رنگي تي، ان کانسواءِ اوهان جي فصلن، اوهان جي پاڻي جي کوهن، ٿر جي ماروئڙن جي صحت ۽ اُنهن جي زندگين ۽ ٿر جي سموري پکين جي برادري تي پنهنجي موت جي فيڪٽرين مان اوڳاڇي رهيو آهي. اوهان ڀلي ريت ڄاڻو ته جڏهن اوهان پرھه ڦٽي اُٿندا آهيو تڏهن اوهان کي هر طرف موت جي فيڪٽرين مان اوڳاڇيل زهريلي دونهن جي ڪاراڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.”
”ان کانسواءِٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۽ بجلي گهرن جي اخراج سبب مقامي آبادي جي صحت سخت خطرن جي ور چڙهيل آهي، ان سان گڏو گڏٿر جي جوڙجڪ ۽ فطري ماحول پڻ سخت خطري هيٺ آهي.ان هوندي به ههڙن هاڃن، حقن جي ڀڃڪڙي ۽ ناانصافين تي خاموش تماشائي بڻجي ٿر جي تباهي کي پنهنجين اکين سان ڏسو پيا.اوهان کي پتو آهي ته آئون ٿر جو اهو خوبصورت پکي آهيان جيڪو هميشه مينهن جي اوسيئڙي ۾ تواريندو رهندو آهيان ۽ جڏهن مينهن وسندو آهي ته منهنجي حياتي بهار بڻجي موهن جي دڙي جي ناچڻي سمبارا جيان نچڻ لڳندي آهي ۽ جڏهن مينهن نه پوندو آهي ته آئون ٿر جي گرمي ۽ لُڪن جي سٽ سهي نه سگھندو آهيان ۽ تڙپي تڙپي مري ويندو آهيان. ڪٿي ايئين نه ٿئي جو اوهان به مون وانگر هنن ڪول پاور پلانٽس جي صورت ۾ موت جي فيڪٽرين ۽ مائننگ جي سبب پنهنجي ڌرتي تان بيدخلي، ماحولياتي تباهي، فضائي آلودگي، روزگار تان بيدخلي، جر جي پاڻي جي تباهي، ٿر جي سموري حياتياتي رنگا رنگي جي تباهي جي سٽ سهي نه سگھو ۽ مون وانگر تڙپي تڙپي مري وڃو يا دربدر ٿي وڃو.
“آئون ٿر جي سمورن پکين جي برادري سان گڏ سوچڻ تي مجبور آهيان ته جيڪڏهن ڪول مائننگ جي هڪڙي بلاڪ ڌرتي ڌڻين لاءِ ايڏي وڏي تباھي جو سامان کڻي آئي آهي ته پوءِ ڇاٿيندو انهن ٿر جي ماروئڙن ۽ ڌرتي ڌڻين جو جڏهن 12 ئي بلاڪن جي مائننگ (کوٽائي) شروع ٿيندي. منهنجي خيال ۾ اهڙي صورتحال ۾ نه ٿر رهندو نه ئي ڌرتي ڌڻي رهندا.”