اسلام آباد (بيورور پورٽ) اين سي اوسي جَي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته عيد کانپوءِ سمورن شهرن کي وئڪسين لڳڻ شروع ٿي ويندي، وئڪسين لاءِ رجسٽريشن 10 سيڪڙو کان به گهٽ شهرين ڪرائي آهي، ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين موجود آهي، صدر ۽ وزير اعظم پنهنجو وارو اچڻ تي وئڪسين لڳرائي، پاڪستان ۾ ڪورونا وئڪسين جا 26 لک 10 هزار ڊوز اچي چڪا آهن، چين 15 لک ڊوز تحفي ۾ ڏنا، 10لک 60 هزار ڊوز خريد ڪيا ويا، هيل تائين مجموعي طور تي 13لک شهرين کي وئڪسين لڳائي وئي آهي.