ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) مشهور اداڪارا ندا ياسر جو صبح وارو پروگرام هاڻي رات جو يارهين وڳي نشر ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چينل پاران جاري ڪيل رمضان نشريات جي پروگرامن جي لسٽ موجب اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر جو پروگرام “گڊ مارننگ پاڪستان” رات جو يارهين وڳي نشر ڪيو ويندو. ان کان سواءِ وسيم بادامي جو پروگرام شان رمضان، به سڄو رمضان نشر ٿيندو، جنهن ۾ سندس ساٿي ميزبان اقرار الحسن هوندو. پروگرام جي پروڊيوسر موجب شان رمضان م “شان سحر” رتا پوڻي ٻه وي کان صبح پنجين وڳي تائين وسيم بادامي پيش ڪندو، “شان افطار” ۾ به وسيم بادامي سان گڏ اقرار الحسن نظر ايندو. جيڪو پروگرام ٽه پهري جو 2:15 کان آن ايئر ٿيندو، جيڪو افطاري تائين جاري رهندو. ان کان سواءِ مختلف ڊراما، ڊنگ، اولاد، تنهائي، پياسي محبت ۽ خواب نگر ڪي شهزاديان روزانو ڏيکاريا ويندا.