عيد تي زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن جو خدشو، بشريٰ بي بي وزير اعظم کي خط لکي ڇڏيو

0
186
عيد جي موقعي تي زمان
عيد جي موقعي تي زمان پارڪ ۾ آپريشن جو خدشو آهي: بشريٰ بي بي جو وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي خط

ڪراچي: عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي خط لکي چيو آهي ته عيد جي موقعي تي زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن جو خدشو آهي، زمان پارڪ ۾ آپريشن ٿيو ته عدالتن سان رجوع ڪنداسين

In pictures: Zaman Park turns into battlefield as PTI supporters block police from arresting Imran - Pakistan - DAWN.COM

بشريٰ بي بي وڪيلن ذريعي اماڻيل پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته عيد جي موقعي تي زمان پارڪ ۾ آپريشن جو پلان ٺاهيو ويو آهي، عدالت جو منع نامو موجود آهي

وڪيلن ذريعي اماڻيل خط ۾ بشريٰ بي بي چيو آهي ته اطلاع آهن ته عدالتي فيصلي جي غلط تشريح جو پلان به ٺاهيو ويو آهي، ان کان اڳ به عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي آپريشن ڪيو ويو هو