سوال/سروي … حڪومت ناڪام قرار، مهانگائي نه جيئڻ جهڙو ڇڏيو آهي نه مرڻ جهڙو، عيد جون خوشيون به کسجي ويون آهن: عوام

0
238

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پيٽرول 10 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت مڪمل ناڪام بڻجي چڪي آهي، حڪومت تيل جو ريٽ وڌائي عوام سان وڏو ظلم ڪيو آهي،  عوام کان عيد جون خوشيون به کسجي ويون، حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آھي. مهانگائي ماڻھن کي نه جيئڻ جهڙو ڇڏيو آھي نه مرڻ جهڙو، موجوده صورتحال ۾ سمورن مسئلن جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آھي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي قربان ميراڻي لکيو ته حڪومت تيل جو ريٽ وڌائي عوام سان وڏو ظلم ڪيو آهي ھي غريب عوام اڳ۾ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسيجي رھيو آھي ھاڻي ته اڃان به مھانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿيندو، شيراز شيخ لکيو ته جڏهن کان مڪس اچار حڪومت اسان مٿان مڙهي ويئي آهي ان ڏينهن کان وٺي هر آئي ڏينهن ڪا نه ڪا مصيبت اسان مٿان آهي ئي آهي، بشير ميراڻي لکيو ته چونڊيل حڪومت ناهي آئي، ايم ايف جي ملازم آهي مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري صاحب مهانگائي جي خلاف ڪفن ٻڌي نڪتا هئا ته عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي آهي اسان مهانگائي تي ڪنٽرول ڪنداسين پر هنن جي حڪومت ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان سڌو سنئون ڪوڙو آهي ته هنن ان جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي. مهانگائي خلاف لانگ مارچ ڪندڙ خود ملوث هجن ته ان ملڪ جي عوام جو خدا حافظ آهي. بهرحال هن پي ڊي ايم مڪس آچار حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۾ تبديلي سرڪار کان به وڌيڪ اڳتي نڪري وئي آهي. گل حسن به راءِ جو اظهار ڪيو،غلام علي گل ٻجورو لکيو ته حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آھي. مهانگائي ماڻھن کي نه جيئڻ جهڙو ڇڏيو آھي نه مرڻ جهڙو، فقير رزاق لکيو ته اسان ستل آھيون، سمير احمد لکيو ته حڪومت کي گهرجي ته کائڻ پيئڻ واريون شيون سستي ڪري غريب ماڻهو ٻين ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن پيٽرول ڊيزل سستو ڪيو وڃي. محمد فياض وساڻ لکيو ته حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪرايو آهي پر پھريان به عوام سان ظلم ٿيـندو رھيو آهي ھن حڪومت صرف ۽ صرف عوام کي پريشان ڪيو آهي وفاقي حڪومت کي گهرجي 10 رپيا پيٽرول مهانگو نه ڪيو وڃي پيٽرول گهٽ ڪيو وڃي پيٽرول مهانگو ٿيندو هر شي مهانگي ٿي ويندي پيٽرول گهٽ ٿيندو هر شي سستي ٿي ويندي، موجوده صورتحال ۾ ملڪ سمورن مسئلن جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آھي. قاسم خاصخيلي لکيو ته پيٽرول جو اگھه وڌائي ھڪ ڀيرو وري عام غريب ماڻھو جيڪو اڳ ئي مھانگائي سبب بي حال لڳو پيو آھي ان جي چيلھه ڀڳي وئي آھي پيٽرول جو اگھه وڌڻ کان پوءِ عام کاڌي پيتي جون شيون وڌي رهيون آھن جن تي ڪنٽرول ڪرڻ يا حڪومت جي وس ۾ ناهي رهيو يا ان جي ان طرف دلچسي رهي ناهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪرايو آهي پر پھريان به عوام سان ظلم ٿيـندو رھيو آهي ھن حڪومت صرف ۽ صرف عوام کي پريشان ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جي معاھدن تحت عوام کي ھر شي لاءِ پريشان ڪيو ويو آهي، حڪم ڪلمتي لکيو ته 1000روپيا ليٽر ڪن پوءِ خوش ٿينداسين، سلمان سومرو لکيو ته ظلم ڪيو اٿن عوام سان پاڻ کي ته فري ۾ ملندو اٿن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پي ڊي ايم اتحادين جو ھاڻ عوام کي گهيرو تنگ ڪرڻ گھرجي ھنن کي پنھنجا مفاد پيارا آھن عوام جي پرواھ ناھي، امتياز لغاري لکيو ته ملڪ جو عوام  پريشان آھي ويتر پيٽرول جي وڌندڙ قيمت غريب عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي حڪومت کي پيٽرول جي قيمت گھٽائڻ کپي، سيد ساگر علي شاهه لکيو ته نااهل حڪمرانن جون ناقص پاليسن سبب غريب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي مگر حڪمرانن کي ڪنهن ڳالهه جو احساس ڪونهي، امان الله بلوچ لکيو ته حڪومت پيٽرول جو اگھه وڌائي غريبن سان ظلم ڪري رهي آهي، عوام ٻن ويلن جي ماني لاِءِ پريشان آهي حڪومت جي انهيَ فيصلي کي رد ڪيون ٿا، مراد علي لکيو ته حڪومت پيٽرول جو اگھه وڌائي غريبن سان ظلم ڪري رهي آهي، حڪومتي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، غلام رحيم بليدي لکيو ته جهڙو عوام تهڙا حڪمران ، پيٽرول 500 رپيا به ٿئي پر عوام نه ڪڇندو، شبير احمد پالاري لکيو ته اسان جو فيصلو خدا وٽ آهي، نجيب رحمان لکيو ته حڪومت عوام کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙھي ڇڏيو آھي تيل اگھن ۾ واڌ حڪومت جي قدم کي عوام دشمن سمجھون ٿا، ڪليم رانا ڀيو لکيو ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ جي ترقي ممڪن ناھي ، سمورن مسئلن جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن آھي. ولي الله جمالي لکيو ته ملڪ نااھل حڪمرانن جي ور چڙھيل آھي حڪمران غريب عوام سان زيادتيون ۽ ظلم ڪري رھيا آھن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو آھي پر حڪمران تيل قيمتون وڌايون پيون وڃن، هنن پنھنجن مفادن خاطر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، سردار راشد جمالي لکيو ته اهو سڀ ڪجهه اليڪشن کي روڪڻ لاءِ آھي، نجف بلوچ لکيو ته عوام دشمن پاليسي اڳي ھڪ ھوندو ملڪ جو وزير ھڪ روپيو وڌائيندو ھيو ۽ ھاڻي 10 گڏيا  ڏھه رپيا وڌائن ٿا، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته نااهل حڪومت جي غلط پاليسن جي ڪري عوام مهانگي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آھي. هن حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏيو.ولي الله جمالي لکيو ته حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آھي. مهانگائي ماڻھن کي نه جيئڻ جهڙو ڇڏيو آھي نه مرڻ جهڙو، اياز راهوجو لکيو ته جيڪا حڪومت اچي ٿي عوام لاءِ آزار بڻيل آهي، صدر الدين، مير مور رند به سروي ۾ حصو ورتو، اشفاق چانڊيو لکيو ته اسان جا حڪمران هاڻي ڀرپور ناڪام ٿي چڪا آهن، امان الله لغاري لکيو ته حڪومت رڳو پنهنجو سوچي ٿي، فياض سنڌي لکيو ته پيٽرول جو اگهه اڃا گهٽ آهي اڃا وڌايو وڃي، اسد انڍڙ لکيو ته ڀلو ڪيو اٿن، شانو جي، بخشل رند به سروي ۾ حصو ورتو، شر اظهر لکيو ته اڳ ئي غريب سورن ۾ آهن ايتري مهانگائي آهي جو غريب ٻن وقتن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن مٿان وري پيٽرول جو اگهه وڌايو ويو آهي ان سان ڪافي شيون مهانگيون ٿيديون حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ بجاءِ عذاب م مبتلا ڪندا، خاموش خليل شر لکيو ته هر مهيني ٻه دفعا پئٽرول جون قيمتون وڌائي عوام سان ناجائزيون پيا ڪن، موهن لال لکيو ته حڪومت پاران اڳ واري جڏهن پيٽرول مهانگو ڪيو هو تڏهن اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پيٽروليم ليوي جي مُد ۾ وڌايا ويا آهن ۽ اهو شرط آئي ايم ايف جو هو جيڪو آخري آهي پر وري 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کي عوام رد ڪري ٿو. حاجي خان پنهور لکيو ته جنهن حڪومت پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان دعويٰ ڪئي اها دعوا هنن کي ڳچي ۾ پئجي وئي حڪومت مڪمل ناڪام بڻجي چڪي آهي عوام کان عيد جون خوشيون به کسجي ويون، راجو ٺڪر لکيو ته حڪومت ڀلي 10 رپيا پيٽرول مهانگو ڪيو ھجي ان کان علاوه هر شئي سستي ڪئي وڃي ته سٺو عمل آھي، راجا ريحان لاشاري لکيو ته ڇا بچيو آهي هاڻي عوام جي لاءِ… جيئڻ ته ڇڏيو هاڻي ته مرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي غريب جي لاءِ.. جيڪا مهانگائي هن حڪومت ڪئي آھي اھا پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي ٿي.. هر شئي جو عوام ٽيڪس ڏي ٿو پو به عوام کي پل پل ماريو وڃي ٿو، اسلم سومرو لکيو ته نا اهل حڪومت کي ڪو شرم ڪونهي، شبير سهتو لکيو ته غريب ظلم ۾ آهن، سردار لطيف لکيو ته ڏھه رپين جي جڳھه تي سو رپيا وڌي ھا تڏھن به ان قوم تي ڪو فرق نه ٿو پوي، منظور احمد کوسو، صوبدار خان بلوچ، مير سلطان سومرو، محمد موسيٰ کٽي، گلشير سومرو، اختر رند، قمر عباس، دلبر نظاماڻي، عبدالوحيد چنا به سروي ۾ حصو ورتو، محمد ابراهيم لکيو ته ھن حڪومت جي ڪھڙي تعريف ڪجي غريبن وٽ ڇڏيو ڇا اٿس، ثاقب علي ناريجو، نارائڻ داس، ڀورل شر به راءِ جو اظهار ڪيو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو روز مره مهانگائي غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،  اي جي بلوچ لکيو ته حڪومت عوام مٿان پيٽرول بم ڪرايو آهي پر پھريان به عوام سان ظلم ٿيـندو رھيو آهي، دليپ آزاد لکيو ته حڪومت پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ غريب جي واتان ماني پئي کسي، شاهد ٻرڙو لکيو ته جيترو ظلم حڪمران اسان جي غريب عوام سان ڪري رھيا آھن ايترو ظلم ته والاريل ڪشمير ۽  فلسطين جي عوام سان به نه آھي، نصرالله ٻٻر، طالب حسين چانڊيو، شوڪت نهڙيو به سروي ۾ حصو ورتو، علي بخش چوهاڻ لکيو ته مان پاڻ رڪشا وارو آهيان عمران خان جي حڪومت تيل سستو هو ته ڪمائي به هئي هاڻ تيل ۾ پورا آهيون، حڪومت اسان کي واري ۾ نه آهي، سراج احمد، اطهر عباس لغاري، طارق مهيسر به سروي ۾ حصو ورتو.