عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن کي جنم ڏنو، عالمي رڪارڊ قائم

0
766

ڏکڻ افريڪا: ڏکڻ افريڪا سان تعلق رکندڙ هڪ عورت هڪ ئي وقت 10 ٻارن کي جنم ڏنو آهي. مقامي ميڊيا مطابق گوسامي ٿامارا نالي 37 سالن جي عورت آپريشن وسيلي 7 پٽ ۽ 3 ڌيئرن کي جنم ڏنو ، هن هڪ ئي وقت ايترن ٻارڙن کي جنم ڏيڻ سان مراڪشي عورت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. پهريان، اهو رڪارڊ حليما نالي هڪ مراڪشي عورت وٽ هو جنهن هن سال مئي ۾ هڪ ئي وقت ۾ 9 ٻارن کي جنم ڏنو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي الٽراسائونڊ ۾ پيدائش کان پهريان اٺ ٻارڙن جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي، جڏهن ته ٻه ٻار اسڪين نه ٿي سگهيا هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻارن جي والدين خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته کين پهريان کان 6 ورهين جا جاڙا ٻار آهن. گوسامي جو چوڻ هو ته شروعات ۾ هن کي تمام گهڻيون ڏکيائيون هيون پر هن جو حمل بلڪل نارمل هو.