ڊاڪٽرز ۽ ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي نٿا ڪن، پڇاڻي تي ڌمڪيون ملن ٿيون: ڊاڪٽر منظور خاصخيلي

0
533

ٺري ميرواھ (ن پ ا) آر ايڇ سي ٺري ميرواھ اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر منظور حسين خاصخيلي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسپتال جا ڪجهه ڊاڪٽرز ۽ ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽي نٿيون ڪن، اڳوڻي ايم ايس پاران اسپتال جو آر او پلانٽ غائب ڪيو ويو، ايم ايس ڊاڪٽر منظور خاصخيلي جو چوڻ آهي ته اسپتال جو ايڪسري ٽيڪنيشن اسپتال ۾ پيل ايڪسري مشين خراب ڪري اسپتال ايندڙ زخمين کي ٺري شھر ۾ قائم پنهنجي نجي ليبارٽري ۾ موڪلي فيس اوڳاڙي ٿو، ڪيترائي ڀيرا مشين مرمت ڪرائڻ باوجود ايڪسري مشين کي هٿ سان بار بار خراب ڪيو وڃي ٿو، هٿ سان مشينون خراب ڪرڻ ۽ ڊيوٽي نه ڪرڻ بابت پڇاڻو ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن . هن چيو آهي ته حالت اها آھي جو ايمرجنسي ۾ به اسپتال جا ڪجهه ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون ملازم ڊيوٽي نٿا ڪن ٿا ۽ نجي سينٽرز هلائن ٿا، صحت کاتو سنڌ هن معاملي جو نوٽيس وٺي اسپتال تباھ ٿيڻ کان بچائي.