حيدرآباد: 7 سالن بعد بم ٺاهڻ واري ڪيس مان 2 جوابدار بري

0
206

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت 7 سالن بعد بم ٺاهڻ واري ڪيس مان 2 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج 8 جي عدالت جوابدار نويد خان ۽ تصور خان سواتي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، 2014ع ۾ سائيٽ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 120 گيلن ڪيميڪل, 120 ڪٽا بارود ٺاهڻ وارو سامان ۽ وڏي انگ ۾ تارون هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي، شروعاتي طور ڪجه سال ٻئي جوابدار جيل ۾ هئا جتان انهن بعد ۾ ضمانت ڪرائي هئي.