لاهور (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قوم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين نه پر ڊالر ٺاهيندڙ عليمه باجي جي سلائي مشين جي ضرورت آهي، نواز ليگ اڳواڻ حڪومت جي چونڊ سڌارا پيڪيج تي رد عمل ڏيندي چيو ته سليڪٽڊ عوام کي رليف ناهي ڏيڻو، ڇاڪاڻ ته هن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کان ووٽ وٺڻو آهي، عوام کان ووٽ ناهي وٺڻو، عمران نيازي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان پنهنجي ڏهاڙي لڳائڻ چاهي ٿو، هن کي مزدور جي ڏهاڙي جو فڪر ناهي، جڏهن شهبازشريف چونڊ، پارلياماني ۽ معاشي سڌارن جي ڳالهه ڪئي هئي ته هي چوندا هئا ته اين آر او گهري رهيا آهن، هاڻ چونڊ سڌارن جي فراڊ تي اوهان اڪيلا ويهي روئو.