اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت جي ايس پلس اسٽيٽس تي يورپ جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم چيو آهي ته جي ايس پلس تي يورپي يونين جا خدشا ختم ڪنداسين پر ختم نبوت صلم قانون تي سوديبازي نه ڪنداسين. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يورپي پارليامينٽ طرفان پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس تي نظرثاني جو ٺهراءُ منظور ڪرڻ کانپوءِ واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ يورپي يونين جي قرارداد ۾ اٿاريل نقطن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ختم ٿيڻ سان پاڪستان کي 3 ارب ساليانو نقصان ٿي سگهي ٿو، يورپي يونين سان انساني آزادي جي حقن، جبري گمشدگين جي خاتمي، اقليتن جي تحفظ ۽ عورتن جي حقن سوڌو 8 معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر معاهدي ۾ مذهب جي حوالي سان ڪوبه شرط طئي نه ڪيو ويو هو، ڪابينا جي قانون ساز ڪاميٽي کان منظوري وٺي جلد مسودو اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ يورپي يونين جي سمورن ملڪن سان ان معاملي تي ڳالهايو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ناموس رسالت ۽ اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چو ته ختم نبوت صلم جي قانون تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي. ذريعن موجب اجلاس جي راءِ هئي ته جي ايس پي پلس معاهدي جو توهين رسالت قانونن سان ڪوبه تعلق ناهي. ذريعن مطابق جبري گمشدگين، صحافين تي تحفظ، اظهار راءِ جي آزادي بابت قانونسازي جا بل جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.