اسلام آباد: ناڻي جي وفاقي سيڪريٽري ڪامران افضل چيو آهي ته جون جي ٻئي هفتي ۾ ايندڙ مالي سال 2021-22ع جي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي، جوڙيل بجيٽ اسٽريٽجي ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪوورنا وبا ۽ لاڪ ڊائون سبب ملڪي معيشت بابت حڪمت عملي متاثر ٿي رهي آهي، بجيٽ اسٽريٽجي تي پارليامينٽ، صنعتڪارن ۽ تاجرن سان مشاورت ڪنداسين، آءِ ايم ايف سان قرض پروگرامن ۾ تبديلين جي گنجائش آهي، ڪورونا سبب معاشي صورتحال بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪنداسين، ڪورونا جي حوالي سان آءِ ايم ايف جي فوري فنڊن جي ضرورت ناهي، گذريل سال آءِ ايم ايف ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر ڏنا هئا.