عوام جي مسئلن کان منهن موڙيندڙ سياستدان

0
275
عوام جي مسئلن کان منهن موڙيندڙ سياستدان

 اسان جي ملڪ جي سياست ان ستر سالن جي ڪينيڊين پوڙهي جيئن آهي، جنهن  چيو هو ته مون کي اڄ تائين سمجهه ۾نه آيو آهي ته آئون ڇا ڪرڻ چاهيان ٿو؟ اسان به ملڪ ٺهڻ کان اڄ تائين  اهو طئه نه ڪري سگهيا آهيون ته اسان کي ڪهڙو سياسي نظام گهرجي. پهرين “سياست نه، رياست کپي” جو شوق چوٽ چڙهيل هو. اڄڪلهه وري جمهوريت پسند سياستدان پاڻ چون ٿا ته اسان کي سياست نه، احتساب کپي. اهو ڪهڙو نه ڀوڳ آهي، جو سياسي ماڻهو پاڻ فخر سان چون ته اسان کي سياست نه کپي. ڇا واقعي اها انهن جي منشا آهي؟ نه هرگز نه! اهي نقاب آهن، چهرا نه. انهن جي چپن جي مُرڪ جي پويان سچو سون نه پر چمڪندڙ ڪچ آهي.

                 پهرين هو ڪاميابي سان عوام کي غربت ۽ بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي ناجائزي جو اعتراف ڪرڻ جي بدران بهانو بڻائيندا آهن ته هنن اهو سڀ ڪجهه رياست کي بچائڻ لاءِ ڪيو آهي. هو سچ نه ٿا ڳالهائين ته سياست تي ڌنڌي ۽ دولت جو قبضو آهي ۽ اخلاقيات ۽ انصاف کان منهن- موڙ ڪري منهن تي پوتي وجهي ڇڏي آهي. جمهوريت جا دعويدار جيڪي پهرين فخريه چوندا هئا ته جمهوريت سڀ کان وڏو انتقام آهي، سي اليڪشن جي بدران سليڪشن جا متوالا آهن. انهن حرڪتن سان جمهوريت پسندن  اسٽيبلشمينٽ جي خلاف پنهنجي جدوجهد جو منطق وڃائي ڇڏيو آهي.

اسان جي ملڪ جا جمهوريت پسند سياستدان اصولن تي سوديبازي ڪرڻ ۾ خوش آهن. جيڪڏهن انصاف جا اصول انهن جي فائدي ۾هوندا آهن ته واھ واھ، پر جي اهي انهن جي مفادن کي نقصان پهچائيندا ته پوءِ اهي قبول نه آهن. انهن جا ٻٽا معيار آهن. جڏهن هو اپوزيشن ۾ هوندا آهن ته هڪڙي ڳالهه ڪندا آهن پر جڏهن اقتدار جي تخت تي براجمان ٿيندا آهن ته پوءِ وري ان جي ابتڙ عمل ڪندا آهن. انهن جي نظر ۾ معاشي اڻبرابري ۾ ڪابه برائي ڪانهي، عورتن ۽ ٻارن سان زيادتيون قبول آهن، جاگيرداري اکين تي، مزدورن جو استحصال جائز آهي پر جمهوريت کپي.  جمهوريت صرف انهن جي اقتدار جو نالو آهي ۽ زميني حقائق جي برعڪس خوبصورت نعرن ۽ شعله بياني جو ڦوڪڻو آهي، جيڪو هوا ۾ اڏامي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هو ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن. عوام جي اعتبار ۽ اعتماد کان سواءِ سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ سان مقابلو نه ٿيون ڪري سگهن ۽ اسان جي جمهوريت پسندن عوام جي بدران اشرافيا جي فائدي جون پاليسيون جوڙي انهن کي مايوس ڪيو آهي. اسان جي جمهوريت پسند سياستدانن جا عمل جرمن فلسفي اوسوالڊ اسپينگلي جا هي لفظ سچ ثابت ڪن ٿا ته، ”جمهوريت پئسي جو هٿيار آهي ۽ ميڊيا اهو ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي پئسو سياسي نظام هلائيندو آهي.

جڏهن سماج ۾ پئسي جي طاقت پختي ٿي ويندي آهي ته پوءِ ثقافت ختم ٿيڻ لڳندي آهي”. جمهوريت پسندن پاڻ ماڻهن جي مقدر جا فيصلا ڪندڙ پارليامينٽ کي بي وقعت بڻايو آهي. نتيجي ۾ پوليس ۽ مئجسٽريٽ مِني مطلق العنان بڻجي ويا آهن. ڪورٽن ۾ غريبن جا ڪيس ڪنهن ٽريجڪ ڊرامي جيان لڳن ٿا. عام ماڻهو وٽ ٻه وقت جي ماني ڪانهي ۽ هو فقيرن جيان هٿ ۾ ڪشڪول کڻي هلڻ تي مجبور آهن يا وري پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي وڪڻي جيئڻ جي تمنا پيا ڪن. اهڙي ماحول ۾ تشدد نه ٿيڻ معجزي کان گهٽ نه آهي. ملڪ جون سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ جمهوريت پسند سڀ هڪ ڳالهه تي گڏ آهن ته غريب جو استحصال قبول آهي. هو هر ڳالهه ڪندا ۽ خوبصورت خواب ڏيکاريندا، برابري ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندا پر هنن جي انساني حقن ۾ معاشي برابري جو ڪو به تصور نه آهي. معاشي برابري کان سواءِ ڪابه برابري خام خيالي آهي.

دنيا جي تاريخ انقلابن سان ڀري پئي آهي. انقلاب مان منهنجو مقصد تشدد نه پر محڪومن جو پاڻ سان هلندڙ ظلم۽ زيادتي جي نظام کي بدلائڻ آهي. هيراڪلائٽس هزارين سال پهرين چئي ويو هو ته ڪابه شئي مستقل نه آهي، سواءِ حرڪت جي. ڪنهن به سماج ۾ تبديلي جي لاءِ ڪجهه بنيادي شيون ضروري هونديون آهن، جيڪي هاڻي اسان وٽ پير کوڙي رهيون آهن، جن ۾ شهري آبادي، تعليم، مڊل ڪلاس، جاگرافي ۽ ماڻهن جي زندگي جو بهتر معيار وغيره شامل آهن. اسان نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جتي جدوجهد جو محور لاڙڪاڻو نه پر لاهور آهي. تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي، جنهن جي بي رحمي کان ته فرينچ ۽ انگريز بادشاهه به پاڻ کي بچائي نه سگهيا هئا. اڳتي ڇا ٿيندو؟ اهو چوڻ مشڪل آهي پر هر شئي جي حد آهي، جنهن جو احترام ڪجي ته بهتر آهي. لڇمڻ ريکا کي اورانگهڻ ته راوڻ کي به ڏکيو پيو هو ۽ هو پنهنجي لنڪا کي گهر جي ڀيدي جي هٿان ساڙائي ويٺو هو.

ڪجهه دانشور ملڪ جي مسئلن جو حل سول سوسائٽي ۾ ڏسن ٿا. انهن جي خيال ۾ ماڻهو ان کي پسند ڪندا، ڇو جو اها انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، جيڪا انهن جي زندگي کي تحفظ ڏئي ٿي ۽ انهن کي ملڪيت جي مزي وٺڻ جو موقعو ڏئي ٿي، پر انهن سڄڻن جي سادگي کي سلام آهي جو هو شايد “پاڻ” کي ئي دنيا سمجهن ٿا. ملڪ جي وڏي اڪثريت وٽ ملڪيت نه آهي ۽ بک ۾ انهن جي زندگي  ڪشش وڃائي ويٺي آهي.

انهن جي لاءِ تحفظ ڪافي بعد جي سوچ آهي. اصل حقيقت اها آهي ته سول سوسائٽي ڪمرشل سوسائٽي جو خوبصورت نالو آهي، جيڪو اشرافيا جي استحصال جي خلاف ماڻهن جي مزاحمت کي ماٺو  ڪري ٿو. روسو پهريون فلسفي هو، جنهن ٻه سئو سال پهرين ڪمرشل سول سوسائٽي جي ڪردار تي شڪ ڪيو هو. هن جو خيال هو ته، “قانون ننڍي اقليت پاران وڏي اڪثريت کي غلام بنائڻ جو غير اخلاقي اوزار آهي. سول سوسائٽي، انصاف، قانون، هڪ ٻئي جو احترام، ڪمزور جي مدد، ترقي جو فلسفو فقط چالاڪ سياستدانن پاران تخليق ڪيل سراب آهي، جنهن جو مقصد سادن ماڻهن تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي”. اڄ جو نوجوان پنهنجي تڪليف، غربت ۽ بدحالي جو ذميوار قسمت کي سمجهڻ جي بدران يقين رکي ٿو ته هن جون حالتون سياسي جدوجهد سان ئي بهتر ٿي سگهن ٿيون. سائنس جي تعليم ان ۾ نئين سوچ کي جنم ڏئي رهي آهي. احساس ڪمتري. عالم ۾ مڃتا نه ملڻ، شان جي تمنا پوري نه ٿيڻ ۽ عزت جي رتو ڇاڻ ٿيڻ جو احساس ماڻهن کي جذباتي ڪري رهيو آهي. ان منفي احساس کي ڪير روڪيندو؟ جمهوريت، سول سوسائٽي، روشن خيالي يا وري روايت پرستي، اهو وقت ئي ٻدائيندو. اٽلي جو قومپرست اڳواڻ مسيني اسانکي خبردار ڪري ويو هو ته، “نظريا تڏهن ڦل ڏيندا آهن، جڏهن انهن کي خون جي آبياري ٿيندي آهي”. اسان جي اشرافيا کي هر ممڪن ڪوشش ڪري طاقت جي استعمال جي بدران غريبن جي مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ گهرجي.