سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو

0
223
سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو

 سنڌي ادبي بورڊ، سائين جي ايم سيد کان وٺي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي تائين ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان وٺي، مخدوم سعيد الزمان عاطف تائين، ڪيترا ئي عظيم اديب، عالم، اسڪالر ۽ اڪابر چيئرمين طور ڏٺا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻين اشاعتي ادارن سان ڀيٽ ڪنداسين ته ان جي ڪارڪردگي ٻين سمورن ادارن کان گھڻي ڀاڱي سهڻي ۽ ساکائتي رهي آهي. هن اداري کي هميشه عوامي اُمنگن مطابق هلائڻ جي جستجو ۽ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. البت اداري جي ساک اُن وقت متاثر ٿيڻ شروع ٿي، جڏهن کان اداري ۾ ٽه رُڪني ايڊيٽوريل ڪاميٽيءَ جو وجود عمل ۾ آيو. ٽه رُڪني ڪاميٽي ڪجھ اهڙا فيصلا ڪيا، يا اهڙن فيصلن جي روڪٿام نه ڪري سگھي، جيڪي عوامي اُمنگن وٽان ۽ اتهاس ۾ درست نه هئا. مثال طور: ڍڳي وارو لوگو تبديل ڪرڻ، رسالن جي ايڊيٽرس جا اختيارات صلب ڪرڻ ۽ رسالن لاءِ مواد جي چونڊ وارو معاملو وغيره. رسالن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو، ته مواد جي چونڊ جو فيصلو ميرٽ جي بنياد تي نه، بلڪه پنهنجا نوازي، پِيري مُريدي ۽ سياسي وابستگيءَ کي نظر ۾ رکي پوءِ ڪيو ويندو آهي. ڪتابن جي اشاعت بابت به عوام جو اهو ئي ساڳيو رايو سامهون اچي ٿو. رسالن جي ايڊيٽرس جا اختيارات صرف پروف ريڊرس جي حيثيت تائين محدود ڪيا ويا آهن. جيئن ته سنڌي ادبي بورڊ اسان سڀني اديبن جو گڏيل ادارو آهي، ان ڪري اداري کي پنهنجي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي نٿو هلائي سگھجي. بلاشبه ادارا ان وقت زوال پذيريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن، جڏهن انهن ۾ ميرٽ ۽ اهليت جي تقاضائن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده چيئرمين صاحب جو شمار، انتهائي معتبر، لائق، مهربان ۽ ڏاهن ماڻهن ۾ ڪيو ويندو آهي. اسان جو اندازو آهي ته چيئرمين صاحب کي شايد سياڻا ۽ سُٺا صلاحڪار ناهن مليا! جن جي ڪري بورڊ اختلافن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي. چيئرمين صاحب جا صلاحڪار سٺي سوچ ۽ روشن خياليءَ جا مظهر ۽ مينار هئڻ گھرجن. جيڪي به صلاحڪار، سنڌ جي نقشي وارو لوگو قائم ڪرائڻ ۽ جاري رکائڻ جا متمني آهن ۽ ان بابت مختلف موقف ۽ دليل ڏيئي رهيا آهن ته اهي انهن جا پنهنجا ذاتي رايا ۽ خيالات ته ٿي سگھن ٿا، پر پوري سنڌي قوم جا خيالات نٿا ٿي سگھن. بيشڪ سنڌ جو نقشو ۽ سنڌ ڌرتي اسان سڀني کي پياري آهي، پر سڀاڻي ڪو ٻيو چيئرمين اچي ۽ اُهو سنڌ جي نقشي وارو لوگو هٽائي، ڪعبته الله شريف جو لوگو لڳائي ويهي رهي ۽ پوءِ ان جي مخالفت ڪندڙن کي چوي “اوهين مخالفت ڪندڙ مسلمان ئي ناهيو” ته اهڙا دليل ڏيئي، پنهنجا ذاتي رايا ۽ خيالات قومن مٿان مڙهڻ نه گھرجن. مهرباني ڪري وڻن تان هيٺ لهي اچو. انائون ڇڏيو. ڍڳي وارو لوگو بحال ڪريو. سنڌي ادبي بورڊ کان اڳتي به تاريخ لکي پئي وڃي. قوم لاءِ، بورڊ لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ سُٺن لفظن ۾ تاريخي جڳھ والاريو.

تاريخ موهن جو دڙو آهي، ته مڪليءَ به آهي. خدا آباد آهي، ته برهمڻ آباد به آهي. ڪارونجھر آهي، ته ڪنگري به آهي. هالا آهي ته ڀٽ شاھ به آهي. گل حيات انسٽيٽيوٽ آهي، ته سنڌ الاجي به آهي. تاريخ رڳو سنڌ جو نقشو ناهي، پر بورڊ جو بگو ڍڳو به تاريخ آهي. تاريخ سان هر هر هٿ چراند نه ٿيڻ گھرجي. شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو ته، “تاريخ فقط تلوارون نه آهي، فقط نيزي تي سِر نه آهي، فقط جنگ جي ميدان ۾ لهوءَ ۾ لويل لاش نه آهي، فقط بادشاهن جون درٻارون ۽ انهن ۾ کڄندڙ تلوارون نه آهي. تاريخ اهو دور به آهي، جڏهن ڀٽائي جي يڪتاري مان آواز اُڀريو. سچي ۽ اصلي تاريخ شاعر آهي، فنڪار آهي، موسيقار آهي. درازن جو دروازو، ساميءَ جا سُلوڪ ۽ شاھ جو رسالو آهي. اجنتا جا مصور ۽ ايلورا جا صنم تراش، جن جي نالن جو به پتو ناهي، اُهي اجنتا جي چترن ۽ ايلورا جي مورتين ۾ اڃان تائين جيئرا آهن”. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ويٺل ڏاهن کي خبر هئڻ گھرجي ته سُونڊا، مڪلي ۽ چَوکنڊيءَ جي پٿرن جي چٽسالي ۽ موهن جي دڙي جو ڦيٿو، ڍڳو، پادري ۽ سمبارا به تاريخ ۾ امر آهن. انهن کي زمان ۽ مڪان مٽائي نه سگھيا آهن.

علي بابا پنهنجي ناول “موهن جو دڙو” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، “آرين هتي اچي گھوڙا ڊوڙايا، بلوا برپا ڪيا، اگنيون اُڏايون، جنگيون جوٽيون، اَنياءُ ۽ اَهنڪار ڪيا، ننگريون ناس ڪيون، وسنديون ويران ڪيون، سايون ٻنيون ساڙيون، اُلا ۽ اُماڙيون آنديون، ڀالا، تراريون، تنڪ، تيغون، ڏڦا، سَرواهيون، شمشيرون، ڪات، ڪرچات، ڪوڪا، ڪُهاڙا، کنا، کڙڳ ۽ نيزا نروار ڪيا. اُهي آريا اَتياچاري، اُجاڙي، اَنيائي، اَهنڪاري، جھنگلي، خُلمي، دراندازي، فسادي، قهري، ڪامي، ڪروڌي، ڪُڪرمي، لالچي، لوڀي، وحشي، ويري، هاهوڙي ۽ هيبت ناڪ هئا. البت دراوڙ سنڌي لوڪن جو ڌرم آدرش، آدميت، امن، انسانيت، اَهنسا، ٻاجھ، تپسيا، تحمل، ترس، چڱائي، دان، ديا، ڌيرج، رحم، سُک، سلامتي، سهپ، صبر، عافيت، فضيلت، قياس، ڪرم، ڪهل، کميا، مانَ، ماڻهپو، مُروت، مِهر، نِوڙت ۽ نياز سيکاريندڙ هو”. اسان آريائي لوڪن وانگر اَنيائي، اَهنڪاري ۽ ضِدي ناهيون. اسان سنڌي لوڪ آهيون. اسان جو اُصول آدرش، انسانيت ۽ افهام و تفهيم سيکاريندڙ آهي. اسان کي ڊڄڻ گھرجي اُنهيءَ ڏينهن کان، جڏهن ڍڳي وارو لوگو وري ٻيهر بحال ٿئي (۽ هڪ ڏينهن ضرور بحال ٿيڻو آهي) پوءِ اسان جو ذڪر سُٺن ۽ سُهڻن لفظن ۾ متان شامل نه ٿئي! ان کان پهريان ئي اسان کي پنهنجو فيصلو واپس وٺي، ڍڳي وارو لوگو بحال ڪري، تاريخ جي ورقن ۾ سُرخرو ٿي بيهڻ گھرجي.