ادارا حڪومت جي ماتحت هجن، حڪومت ادارن جي ماتحت نه!

0
241
ادارا حڪومت جي ماتحت هجن، حڪومت ادارن جي ماتحت نه!

 سوال جيترا مختصر هوندا آهن، انهن جا جواب ڏيڻ اوترائي مشڪل هوندا آهن. اهڙائي ڪجهه مختصر سوال 16 مارچ 2023ع جي اخبارن ۾ ڇپيا آهن، جيڪي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٿاريا هئا. ان وقت 3 رڪني خصوصي بينچ جي اڳيان پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي 2018ع جي ريگيوليشنس متعلق ٻڌڻي هئي، جنهن ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي ڊگري حاصل ڪندڙ اهڙن شاگردن، جن قرآن پاڪ حفظ ڪيو هجي، انهن کي 20 اضافي مارڪون ڏيڻ بابت چيو ويو هو. وڪيل جو موقف هو ته، ڪائونسل پاران اميدوارن کي 20 اضافي مارڪون نه پيون ڏنيون وڃن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو اهم سوال اٿاريو ته، “ڪنهن عيسائي شاگرد کي بائيبل ياد ڪرڻ تي 20 مارڪون اضافي ڏنيون وينديون آهن؟ آئين ۾ ته سڀ برابر آهن”. سوال تُز، تکو پر حقيقت تي ٻڌل هو. صرف انهن شاگردن کي ٻين شاگردن تي فوقيت ڏيڻ، جن جو تعلق اسلام سان هجي، ۽ انهن پنهنجي مذهبي ڪتاب کي ياد ڪيو هجي، انهن کي ميڊيڪل ۾ داخلا جي لاءِ فوقيت ڏجي.

ان ٻڌڻيءَ دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٻه ٻيا سوال به اٿاريا. هڪ مخصوص ڪيسن لاءِ خصوصي بينچ جي تشڪيل بابت سوال هو ته، “باوجود باقاعده بينچن جي دستيابيءَ جي، حساس نوعيت جي ڪيسن جي ٻڌڻيءَ لاءِ قائم ڪيل بينچ ماڻهن ۾ بدگماني پيدا ڪندڙ هوندا آهن. ان تي به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته، “خصوصي بينچ جو تصور ڪٿان پيدا ٿيو؟” جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) طرفان سيٽلائيٽ چينلز کي رياستي ادارن ۽ ججن خلاف مهم يا مواد روڪڻ لاءِ جاري ڪيل هدايتن بابت پڻ اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته، “پيمرا اسان جي حيثيت هڪ آئيني اداري مان گهٽائي رياستي اداري تائين پهچائي ڇڏي آهي”. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو پڻ چيو ته، “اهڙين پابندين جي ڪري عدليا بدنام ٿي ٿئي. ماڻهن ۾ اهو تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو ته، هتي پابندي عدليا جي چوڻ تي لڳائي وئي آهي“.

مٿي ذڪر ڪيل سڀني معاملن جي سوالن تي عام طور تي ڳالهائڻ ممنوع آهي. اهي سڀ معاملا خوف جي علامت آهن. اسين مذهب تي نٿا ڳالهائي سگهون، عدليا تي نٿو ڳالهائي سگهجي. مذهب کي اسان وٽ خوف جي علامت بڻايو ويو آهي. سچ چوندي ماڻهو خوف ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن ته هاڻي خبر ناهي ڇا ٿي ويندو؟ ڪٿي کنڀي گم ته نه ڪيا وينداسين؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڳالهه ۾ وزن آهي ته ان طريقي سان عوام جو ادارن تان ويساهه کڄي ويندو. رياست جي ۽ حڪومت جي موجوده صورتحال ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي. ادارن جا هڪٻئي تي حملا اندروني ڪمزوريءَ جي نشاندهي ڪندڙ آهن. ڪجهه ادارن کي مقدس بڻائي هڪ حد لڳائي ٿي وڃي. انهن جي باري ۾ ڳالهائڻ ڏوهه ۾ شامل آهي.

عدليا رياست جو اهم ادارو آهي، رياست جو اهم ٿنڀ آهي. عدليا جي ڪارڪردگيءَ جو سڄو اثر رياست تي پوندو. سڄي جمهوري نظام جي بيهڪ ۾ آئين، قانون ۽ عدليا جو تمام اهم ڪردار آهي. عوام هر ناانصافيءَ خلاف عدليا ڏانهن ئي ويندو آهي. سڄي رياستي نظام کي آئين ۽ قانون مطابق هلائڻ عدليا جو ڪم آهي. جيڪڏهن عدليا کي صرف ۽ صرف تقدس جي علامت بڻائي ان کي هر تعميري تنقيد کان مٿانهون ڪيو ويندو ته ان سان رياست ۾ انارڪي ۽ تشدد جو ڦهلاءُ ٿيندو.

ساڳي ريت اسان وٽ مذهب تي ڳالهائڻ به ممنوع آهي. ڪا به خبر نه پوندي آهي ته ڪنهن ڳالهه کي غلط رخ ڏيئي ان کي ڏوهه بڻايو وڃي. مختلف مذهبن جا فرد آئين ۾ ته هن رياست جا هڪ جهڙا شهري آهن، سڀني کي برابر حق مليل آهن، پر حقيقت ان کان گهڻو پري آهي. قانون مطابق سڀني مذهبن سان تعلق رکندڙ شاگردن لاءِ لازمي مضمون ‘اخلاقيات’ آهي ۽ مسلمان شاگردن لاءِ اسلاميات جو سبجيڪٽ آهي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته، تعليمي بورڊز جي ڪلاسن لاءِ “اخلاقيات” جا استاد موجود ئي نه آهن. مارڪيٽ ۾ “اخلاقيات” جا ڪتاب اڻ لڀ آهن. وري جڏهن ليڪچررس جون پوسٽون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان انائونس ٿينديون آهن ته انهن ۾ ڪافي سالن کان “اخلاقيات” جي مضمون جي استادن بابت پوسٽون اشتهار ۾ ڄاڻايل نه هونديون آهن، جنهن ڪري غير مسلم شاگرد مجبوريءَ ۾ اسلاميات پڙهندا آهن ۽ پيپر ڏيندا آهن.

اها ڳالهه سراسر ناانصافيءَ تي ٻڌل آهي. آئين ۽ قانون ته هر شهريءَ کي آئين ۽ قانون مطابق هلڻ، پنهنجون مذهبي ريتون رسمون ادا ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. قانون ته چوي ٿو ته مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ شاگرد اسلاميات جو لازمي مضمون نه پر “اخلاقيات” پڙهندا ۽ ان مضمون جو ئي امتحان ڏيندا. اسان وٽ ته ناانصافي اها آهي ته، جڏهن مسلمان شاگردن کي حافظ ٿيڻ تي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فوقيت ملي ٿي ۽ جڏهن يونيورسٽين لاءِ اسڪالرشپس اچن ٿيون ته ڪجهه اسڪالرشپس مخصوص طريقي سان زڪوات فنڊ مان ڏنيون وينديون آهن، انهن طريقن سان به شاگردن ۾ تفريق ڪئي وڃي ٿي. مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ شاگرد، انهن سهولتن مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. شاگردن جي وچ ۾ انهن تفريقي روين ۽ طريقن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪو وقت شاگردن جي ذهني نشونما ۽ ڪردار سازيءَ جو آهي، ان وقت ۾ تفريقي رويا شاگردن جي نفسيات تي اثرانداز ٿيندا آهن. بهتر ته اهو آهي ته تعليمي ادارن ۾ تفريق ختم ڪري نصاب کي اهڙو بڻايو وڃي، جنهن ۾ هر مذهب جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن. علم حاصل ڪن، نه ڪي مذهبي منافرت جو شڪار ٿين. سڀئي مذهب برابريءَ ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏيندڙ آهن، پر افسوس ته اسان وٽ مذهب کي استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن سياست ۾ ته ڪڏهن وڳوڙ ڪرائڻ لاءِ ته ڪڏهن سماج ۾ انتشار پيدا ڪرڻ لاءِ. مذهب کي امن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن کان شروعات  ڪرڻي پوندي. هن اهم معاملي تي سنڌ حڪومت کي تحرڪ وٺڻ جي ضرورت آهي.

اسين ڪڏهن مذهبي نفرت جي ور چڙهندا آهيون ته ڪڏهن لساني نفرت کي ڀوڳڻ لڳندا آهيون. رياستي ذميوارين جي ڊگهي فهرست کي مختصر ڪجي ته، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي انهن ٽن اهم سوالن بابت رياست جي ذميوارين تي به نظر وجهجي. اسان جو عدالتي نظام هر قسم جي مذهبي ۽ سياسي اثر رسوخ کان پاڪ هجي، نه ڪي عوامي راءِ کان پاڪ ۽ مقدس هجي. اظهار جي آزاديءَ جو حق آئين ۾ موجود آهي، پر مختلف نمونن سان ان کي محدود ڪرڻ وارن طريقن جو استعمال هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي. تنقيد اصلاح جو صحيح طريقو آهي، پابندي سان اصلاح نه پر ڦيٽارو پيدا ٿيندو. ملڪي ادارا عوام لاءِ بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. مخصوص ماڻهن، مخصوص ادارن، مخصوص ڌرين جي مفادن مطابق هلندڙ ادارا پنهنجي اندر ۾ کاڄي ختم ٿي پنهنجو سماجي ڪارج وڃائڻ لڳندا آهن. حڪومتي ادارا حڪومت جي ماتحت هجڻ گهرجن، نه ڪي حڪومت ادارن جي ماتحت هجي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳائڻ کان بهتر آهي ته، انهن ادارن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏجي. شاگردن کي پنهنجي تعليمي عمل دوران مذهبي منافرت ۽ تفريق کان بچايو وڃي، ڇو ته اها شئي اڳيان هلي سڄي رياست لاءِ چئلينج بڻجي ويندي. هن وقت به اهو ئي لُڻجي پيو، جيڪو سالن کان پوکيندا آيا آهيون.