NOTES FROM ISTANBUL (TURKEY) … ترڪيءَ جو “جديد سلطان” چونڊون کٽي سگهندو؟

0
371
NOTES FROM ISTANBUL (TURKEY) ... ترڪيءَ جو “جديد سلطان” چونڊون کٽي سگهندو؟

 ترڪي ۾ 2023ع جون صدارتي چونڊون 14 مئي 2023 تي رٿيل آهن، هي اها تاريخي اليڪشن آهي، جيڪا ٻن وڏن اتحادين جي صدارتي اميدوارن کي هڪ ٻئي جي خلاف بيهاريندي. چونڊن جون تياريون هن وقت ترڪي ۾ تيزيءَ سان هلي رهيون آهن، جڏهن ته انهن تيارين دوران هڪ وڏي نظرياتي تحريڪ پڻ نظر اچي رهي آهي.

                 رجب طيب اردگان جي 2003ع کان وٺي، يعني گذريل ٻن ڏهاڪن کان ترڪي جي صدر جي عهدي تي قائم رهڻ بعد، صدارتي نظام خلاف اتحادين يڪجهتي جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نيشنل الائينس وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي. نيشنل الائينس ترڪي جو هڪ سياسي اتحاد آهي، جيڪو فيبروري 2018ع ۾ اڳوڻي اپوزيشن نيشنلسٽ موومينٽ پارٽي جوڙيو هو. ياد رهي ته اهو اتحاد 2018ع جي عام چونڊن دوران رجب طيب اردگان خلاف ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ صدر رجب طيب اردگان کي حڪومت تان لاهڻ جي گهر ڪندڙ ۽ ٻيهر چونڊ جي حمايت ڪندڙ سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو ويو هو. ان وقت ان الائينس ۾ ترڪي جون 4 سياسي پارٽيون شامل هيون، جڏهن ته هن وقت ان ۾ 6 سياسي پارٽيون شامل آهن ۽ صدر رجب طيب اردگان پنهنجي انصاف ۽ ترقي پارٽي (اڪ پارٽي) سان جڙيل آهي.

ان سموري سياسي جوش ۽ خروش دوران نيشنل الائينس اهو فيصلو نه ڪري سگهيو هو ته رجب طيب اردگان خلاف صدر جي عهدي لاءِ ڪير چونڊ وڙهندو؟ اهو فيصلو ڪرڻ ۾ کين هڪ سال لڳي ويو، جڏهن ته هن وقت رجب طيب اردگان جي خلاف ترڪي جي پارليامينٽ ۾ ويٺل اپوزيشن جي ٻي وڏي پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي (CHP) جي اڳواڻ ڪمال ڪليدار اوگلو کي صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي.

نامزدگي دوران نيشنل الائينس ۾ موجود 5 پارٽين رضامندي ظاهر ڪئي، جڏهن ته هڪ ٻي وڏي اپوزيشن ليڊر ميرل اڪسنر شروعاتي طور تي صدر جي اميدوار جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد هن 3 مارچ تي اهو الائينس ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته ڪمال ڪليدار اوگلو صدارتي چونڊ وڙهڻ جي اهل ناهي ۽ کيس انهن چونڊن دوران عوام ووٽ نه ڏيندو، پر گذريل هفتي ميرل اڪسنر ٻيهر نيشنل الائينس ۾ شامل ٿيندي ڪمال ڪليدار کي صدر جي عهدي لاءِ قبول پڻ ڪري ورتو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اڪرام امام الله پڻ رجب طيب اردگان جي سياسي نظريي جي سخت مخالفت ڪندي نظر آيو آهي. اڪرام امام الله پيشواراڻي طور ترڪ واپاري، ريئل اسٽيٽ ڊولپر، ۽ سوشل ڊيموڪريٽڪ سياستدان آهي، جيڪو هن وقت استنبول جي 32هين ميئر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس پاران سياسي پروگرامن ۽ تقريرن ۾ موجوده صدر اردگان خلاف مذمت وارن لفظن جو استعمال پڻ ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ آهي ته ترڪي کي هن وقت موروثي سياست مان جان ڇڏائڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ رجب طيب اردگان ملڪ جي ترقي جي راهه جو هڪ وڏو پٿر آهي، جنهن کي هٽائڻ لاءِ هو ڀرپور ڪوشش ڪندو. ڪجهه وقت اڳ ترڪي جي عدالت استنبول جي مشهور ميئر اڪرم امام الله کي لڳ ڀڳ ٽن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي. اها سزا کيس 2019ع ۾ ميئر جي چونڊ دوران هڪ سياسي اڳواڻ جي توهين ڪرڻ تي ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته کيس اليڪشن لاءِ پڻ نا اهل قرار ڏنو ويو. ترڪي ۾ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن کان ٿورو وقت اڳ هن فيصلي جو اچڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. چيو پيو وڃي ته هي قدم ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان خلاف امام الله کي حريف اميدوار طور سندس مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ لاءِ کنيو ويو آهي.

استنبول جي هن نوجوان ميئر اڪرام امام الله جو نظريو رجب طيب اردگان کان مڪمل طور مختلف آهي، سندس سوچ جو لاڙو يورپي ثقافت ڏانهن وڌيڪ آهي، جنهن سبب کيس نوجوان پسند ڪن ٿا، سندس خيال موجب، ترڪي جي ڪاميابي ان ۾ ئي آهي ته ان ملڪ جو ڌيان مذهب کان وڌيڪ ترقي ڏانهن هجڻ گھرجي، جڏهن ته صدر رجب طيب اردگان ترڪي جي جمهوري نظام ۽ رياستي آزادي کي هٿي ڏيندو رهيو آهي.

رجب طيب اردگان پنهنجي سموري سياسي ڪيريئر دوران هن ملڪ جي اسلامي تشخص کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جنهن سبب هن ملڪ جو هڪ وڏو طبقو اڄ به ساڻس گڏ آهي. ان سموري ڳالهه مان اهو اندازو لڳائڻ غلط نه هوندو ته هتي به سياسي حربن ۾ دين جو استعمال ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه، رجب طيب اردگان جي دور ۾ ترڪي جي معاشي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي. ملڪ جي وياج جي شرح گهٽائڻ واري مالياتي پاليسي جي هلندي ترڪي ۾ مهانگائي 100 سيڪڙي کان به وڌي وئي آهي.

ملڪ جي موجوده مهانگائي واري صورتحال گذريل 24 سالن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. معاشي خرابين ۽ اردگان جي موجوده پاليسين جي ڪري ترڪي جي ڪرنسي 2021ع جي شروعات کان وٺي ڊالر جي مقابلي ۾ پنهنجي قدر جو 60 سيڪڙو وڃائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ واپاري خسارو 38 سيڪڙي تائين پهچي ويو آهي. هتان جو غريب ۽ مزدور طبقو سخت پريشاني جو شڪار آهي، جنهن سبب پڻ عوام رجب طيب اردگان تي سخت ناراض نظر اچي رهيو آهي. ان سموري صورتحال جو فائدو مخالف سياسي پارٽيون وٺي رهيون آهن.

سياسي مخالفن کي عوام آڏو رکڻ لاءِ هڪ ٻيو به جواز موجود آهي، جيڪو اسلامائزيشن ۽ پارلياماني نظام سان اردگان جي هٿ چراند آهي. جڏهن ته اها حقيقت پڻ آهي ته رجب اردگان پنهنجي ٻن ڏهاڪن جي اقتدار ۾ پارلياماني بنيادن تي ٻڌل نظام کي ڪمزور ڪري، ان کي صدارتي نظام ۾ تبديل ڪيو.

ترڪي جي هن “جديد سلطان” يعني رجب طيب اردگان عدالتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سول سروس، انٽيليجنس ايجنسين، هٿياربند فوج جي آفيسر ڪيڊر ۽ ميڊيا کي پنهنجي پاسي ڪري انهن کي پنهنجو وفادار بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب سمورا ادارا ان جي هٿ ۾ آهن. ان جي باوجود به رجب طيب اردگان سخت مشڪلات ۾ نظر اچي رهيو آهي.

هن سال کيس پنهنجي 20 سالن جي اقتدار دوران سڀ کان وڌيڪ مشڪل چونڊن کي منهن ڏيڻو پوندو. خاص طور تي جيڪڏهن مخالف ڌر هڪ مربوط، ۽ ڀرپور انداز ۾ مهم هلائيندي. اها رجب طيب اردگان کي گهڻو پريشان ڪري سگهي ٿي. تازي راءِ شماري ڏيکاري ٿي ته ترڪي جي صدراتي عهدي جو اميدوار ڪمال ڪليدار اوگلو کي موجوده صدر اردگان کان 10 سيڪڙو وڌيڪ پوائنٽس جي سرسي حاصل آهي.

صدارتي چونڊن ۾ ٿورو وقت رهجي ويو آهي. موجوده انگن اکرن مطابق ڇهن پارٽين جي نيشنل الائينس جي يڪجهتي بعد اهو لڳي رهيو آهي ته شايد جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي (AKP) پنهنجي سخت مخالف نيشنلسٽ موومينٽ پارٽي (MHP) جي خلاف وڌيڪ سيٽون حاصل نه ڪري سگهي ۽ ترڪي جي موجوده سياسيت ۾ هڪ وڏي تبديلي نظر اچي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته رجب طيب اردگان خاموش نه ويهندو ۽ انهن چونڊن جي خلاف عالمي طاقتن جو جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو،

 اهڙو قدم هو اڳ ۾ به سال 2019ع ۾ استنبول جي ميئر خلاف کڻي چڪو آهي. اردگان ترڪي جي نئين تاريخ جو اهو سلطان آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ هتان جي سياسي طاقت تان هٿ نه کڻندو، اهو ئي سبب آهي جو 2014ع کان هو صدر جي عهدي تي قائم آهي. هي سال ترڪي جي سياست سميت موجوده سماجي، معاشي ۽ بين الاقوامي صورتحال لاءِ وڏي اهميت جوڳو آهي،. سال 2023ع جي آخر ۾ ترڪي جو 100 سالن وارو معاهدو پڻ ختم ٿيندو، جنهن تي پڻ دنيا جي نظر آهي.