عمرڪوٽ: 3 مهينا اڳ قتل ٿيل جمعون ڀيل جي ڪيس بابت اهم انڪشاف!!

0
230

عمرڪوٽ:ٽي مھينا اڳ عمرڪوٽ مان مبينا اغوا بعد سانگھڙ ۾ قتل ٿيل جمعون ڀيل جي قتل ڪيس بابت نوان اھم انڪشاف سامهون آيا آهن. مقتول جمعون ڀيل جي والده ماروي، پڦي حليمان ۽ چاچو ايدو ڀيل عمرڪوٽ پوليس وٽ پھتا. مقتول جي والده ۽ وارثن جو الزام آهي ته جمعون جي قتل ۾ مير زمان پنجابي سان گڏ جمعون جي گھرواري نانجو ڀيل، سي آء اي عمرڪوٽ جو وڏو منشي ھاٿي رام ڀيل ۽ نانجو جو ڀاءُ ملوث آھن. هنن چيو ته سي آء اي جي وڏي منشي ھاٿي رام ڀيل اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي، قتل ڪيس ۾ ملوث آھي. عمرڪوٽ پوليس مقتول جي وارثن جو بيان رڪارڊ ڪري ڇڏيو.