ريلوي جي بدانتظامي، مسافر عيد به ٽرينن ۾ ملهائيندا!

0
220

ڪراچي: ريلوي انتظاميه جي نااهلي سبب مسافر عيد به ٽرينن ۾ ملهائيندا، ڪيتريون ئي ٽرينون 6 کان 15 ڪلاڪ دير جو شڪار آهن. 20 جولاءِ تي ڪراچي کان روانگي لاءِ ٽرينن جا مسافر عيد گهر جي بدران سفر ۾ ڪندا . 20 جولاءِ جي صبح 6 وڳي روانو ٿيل شاليمار ايڪسپريس ، ڪراچي ۾ 5 ڪلاڪ ليٽ ٿي وئي، عوام ايڪسپريس 3 ڪلاڪ ليٽ آهي، 19 جولاءِ جي شام جو روانو ٿيندڙ ٽرينن کي مشڪل سان 20 تاريخ تي پراڻيون بوگيون هڻي روانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 18 جولاءِ تي ڪراچي کان لاهور پشاور راولپنڊي روانگي لاءِ اڪثر مسافر ٽرينون قراقرم ايڪسپريس، خيبر ميل، رحمان بابا سميت ڪيترائي ٽرينون 6 کان 15 ڪلاڪن تائين تاخير ڪري پنهنجي ماڳن تي پهچنديون. خيبر ميل ايڪسپريس ، جيڪا 19 جولاءِ تي ڪراچي مان نڪتي تنهن جو 21 جولاءِ تي عيد جي نماز کان اڳ پشاور پهچڻ ممڪن ناهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽرينون ليٽ ٿيڻ تي مسافرن وزيراعظم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.