اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، عمران خان درخواست ۾ چيو آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز کي وڌيڪ آڊيوز ليڪس روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي، آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته وزيراعظم هائوس ۽ آفيس جي نگراني، ڊيٽا رڪارڊنگ ۽ آڊيو ليڪس کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي، آڊيو ليڪس جي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏياري وڃي. درخواست ۾ گهرو وزارت، وزير دفاع، آءِ ٽي ۽ اطلاعات واري وزارت سان گڏ درخواست ۾ آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي به ڌر بنايو ويو آهي.