سرگوڌا (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چورن جي غلام ٿيڻ کان مرڻ بهتر آهي، آئون اهڙي زندگي نه ٿو چاهيان. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته يونيورسٽيون مستقبل جي ليڊرن جون نرسريون هونديون آهن، انٽرنيشنل سياستدان برطانيا ۾ شاگردن سان خطاب ڪندا آهن، سڀني کي يونيورسٽين ۾ اچڻ گهرجي، آئون چاهيان ٿو ته بلاول به توهان جي سامهون بيهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو چوندو هڪ ڳالهه ۽ سمجهه ۾ ڪجهه ٻيو ايندو، جڏهن ته مون کي يقين آهي جيڪڏهن شهباز شريف هتي آيو ته توهان کان پئسا گهرڻ شروع ڪندو. عمران خان چيو ته اسان تي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو آهي، منهنجو نالو ٻڌندي ئي انهن جون ڄنگهون ڏڪنديون آهن، ملڪ هن وقت فيصلائتي موڙ تي آهي، جيڪي ملڪ خوشحال آهن اتي انصاف جو نظام آهي، قانون جي حڪمراني آهي ۽ جتي ائين ناهي اتي تباهي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم ان کي بڻايو ويندو آهي، جنهن کي 16 ارب رپين جي ڪيس ۾ سزا ٿيڻي هئي، آصف زرداري تي چوري جا ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ نيب آصف زرداري جا ڪيس ختم ڪندو پيو وڃي، سنڌ جي گورنر کي ڏسو ۽ مولا جٽ کي ته ڪو فرق نظر نه ايندو. عمران خان چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مارچ جو اعلان ڪندس، اها سياست نه ملڪ جي حقيقي آزادي لاءِ جهاد آهي، چورن جي غلامي کان موت بهتر آهي، انهن کي چونڊن ۾ شڪست ملي رهي آهي، پنهنجي امپائر جي آڱر کڻائي به هارائي ٿا وڃن، توهان جو ڪپتان انهن چورن جو مقابلو ڪندو.