ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سان لاڳاپيل صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ مُلڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال دوران ملڪ ۾ وڏا فيصلا ٿيڻ وارا آهن،  وڏيون تبديليون اچڻ واريون آهن، ملڪ ۾ايمرجنسي به لڳي سگھي ٿي، نگران سيٽ اپ يا ڪجهه وقت لاءِ نيوٽرل حڪومت به اچي سگھي ٿي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي پر صورتحال ٻڌائي رهي آهي ته چونڊون وقت تي نه ٿينديون، ٿي سگھي ٿو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊون نه ٿين. هن چيو ته هاڻ عمران خان جي گرفتاري  ڪا معنيٰ نٿي رکي، معاملو انهي کان به اڳتي نڪري ويو آهي، ملڪ ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، هن سياستدانن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سياستدان دانشمندي سان فيصلا نه ڪيا ته اهڙا ماڻهو به جيلن ۾ ويندا، جيڪي اڳ ۾ ڪڏهن به جيل نه ويا هوندا، منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي ته عمران خان کي وزيراعظم بڻجندي يا اقتدار ۾ ايندي نه پيو ڏسان، باقي نواز  ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ جا چانس وڌيڪ آهن، هيل مختلف سياسي پارٽين ۾ گروپ بندي به شروع ٿي ويندي.