ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص  عدالت  ڪراچي جي درخشان ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃڊاهه واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، محبوب ابڙو  سميت 24 ڄڻن کي 8 سالن کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، خاص عدالت چيو ته بار بار نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود سرڪاري وڪيل توڙي هڪ به شاهد پيش نه ٿيو، جڏهن ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون، واضح رهي ته 2015 ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ساٿين تي درخشان ٿاڻي تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿي ضمانت تي آزاد هئا.