ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري رمضان شريف جي مھيني ۾ مهانگائي ۾واڌ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر وٽ مقرر ٿيل ڪامورن جي لوڌ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ آخر ناڪام ڇو ٿي آھي؟  رمضان جهڙي ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، منافعي خورن غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڀاڄي جي دڪاندار کان پڇون ٿا ته جواب ملي ٿو ته منڊي مان ئي ڀاڄي مهانگي پئي ملي، آخر انهي مهانگائي پٺيان ڪير آهي؟ ڪالهه  گورنر ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته مھانگائي سٽيل عوام کي افطار ڪرائڻ لاءِ  گورنر هائوس جو در  کوليو ويو آهي.  ھن چيو ته ھن وقت هر شيءِ جا اگهه آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ڀاڄي دال، گوشت جا اگهه حد کان وڌي ويا آهن ، آئون ضلعي انتظاميا کي آخري ڀيرو چئي رهيو آهيان ته آفيسن ۾ نه ويهن. مارڪيٽن ۾  وڃي ڏسن ته ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي؟  هن چيو ته شهري پاڻ به مهانگين شين  جو بائڪاٽ ڪن، هن چيو ته ايمپريس مارڪيٽ۾ واقع  ڀاڄي جي دڪان  تي لڳل سليٽ تي پٽاٽا 35 رپيا ۽ بصر 80 روپيا ڪلو لکيل هو، مون هڪ شهري جي هٿ ۾ پٽاٽا ڏسي پڇيو ته پٽاٽا ڪهڙي اگهه تي خريد ڪيا اٿئو ؟ جنهن تي شهري چيو ته پٽاٽا 70 روپيا في ڪلو خريد ڪيا آهن، هتي  ريٽ لسٽ بدران ٻيڻي اگهه تي شيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، منافعي خور عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، جيڪڏهن ڊي سي ڪاروائي نٿو ڪري ته پوءَ پرائيس لسٽ ( اگهوتري) ٺاهڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي؟هن چيو ته هاڻي آئون پاڻ روزانو  بازارن جو دورو ڪندس، جتي جتي منافعي خور پڪڙيا، انهن کي  جهلي جيل موڪليندس.