عمران خان نااهل قرار: پي ٽي آءِ جا مظاهرا: پوليس سان چڪريون

0
305
عمران جي نااهلي خلاف

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو، عمران خان جو جمع ڪرايل جواب درست نه هو، عمران خان بدعنواني ۾ ملوث رهيو آهي، سندس قومي اسيمبلي واري سيٽ کي خالي قرار ڏنو ٿو وڃي

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آفيسز ٻاهران احتجاج شروع ڪيا آهن، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون به ٿيون آهن

اسلام آباد پوليس خيبرپختونخواهه جي پوليس اهلڪار ۽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر صالح محمد کي اليڪشن ڪميشن آڏو فائرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ٻين هنڌن تي پي ٽي آءِ ڪارڪن سراپا احتجاج آهن، ڌرڻي دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

اسلام آباد ۽ ڪراچي جا اڪثر هنڌن تي ڌرڻا لڳل آهن، جنهن سبب بنهي شهرن ۾ ٽريفڪ معطل آهي، جڏهن ته چڪرين سبب ڏهڪاءُ پڻ پکڙيل آهي

ھي به پڙھندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار

پاڪستان جو پهريون سرٽيفائيڊ ڪوڙو نااهل ٿيو: مريم نواز جو ردعمل