لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته مائرون عمران جي گندي سياست لاءِ پنهنجا پٽ جوان ناهن ڪنديون، سندس سياست لاهور ۾ دفن ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته لاهور جون مائرون تنهنجي گندي سياست کي لاش ڏيڻ لاءِ پنهنجي پٽن کي جوان ناهن ڪنديون تنهنجا مڪروهه ارادا قوم سڃاڻي وئي  آهي. تنهنجي فتني فساد جي سياست لاهور ۾ دفن ٿي وئي آهي هاڻ گوڏن تي مٿو رکي رو يا واپس کٽ جي هيٺان هليو وڃ. ٻئي طرف لاهور ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون تي ڪوڙو الزام هنيو ويو ته مون توشه خاني مان گهڙي کنئي آهي پر منهنجي نالي سان هڪ انناس نڪتو. هڪ نجي ٽي وي چينل ان الزام تي پروگرام به ڪري چڏيو. جيڪڏهن منهنجي 11 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ توهان کي منهنجي خلاف هڪ انناس مليو آهي ته توهان کي ٻڏي مرڻ گهرجي هڪ طرف انناس ۽ ٻئي پاسي پنج قيراط جي منڊي، هن چيوته ملڪ لاءِ اها ڪيڏي نه خطرناڪ ڳالهه آهي ته نوجوانن جو رخ تشدد ڏانهن موڙيو وڃي مون کي خبر ناهي ته ڪنهن کي ان ڳالهه جو احساس آهي يا نه. نوجوانن کي موقعا ملڻ گهرجن آئون ته چوان ٿي ته پارليامينٽ ۾ به سڀ کان وڏو انگ نوجوانن جو هجڻ گهرجي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ نيون نوڪريون ڏيڻ ڏکيو آهي پاڪستان ۾ به حالتون بهتر ٿيون ته نيون فيڪٽريون لڳڻ بعد نوڪرين جا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا پر هن وقت نوجوانن کي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي ته جيئن اهي گهر ويٺي پنهنجو ننڍو ڪاروبار ڪري سگهن. اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي پر هتي اسان پاڻ گهر ۾ ويٺا آهيون ۽ نوجوانن کي مار کائڻ لاءِ روڊن تي ڇڏي ڏنو آهي. هن چيو ته نوجوان ظل شاهه جو موت به سياسي مقصدن لاِءِ استعمال ڪيو ويو حالانڪه هنن کي خبر هئي ته هو حادثي ۾ فوت ٿيو آهي پر سائفر جيان هن جي لاش تي به کيڏيو ويو. فوتي جي والده ٽي وي تي سچ ڳالهايو ته پي ٽي آء وارا چپ ٿي ويا. هن چيو ته عمران خان چئن سالن ۾ ملڪي معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڄ هي حالت آهي ته آءِ ايم ايف اسان کي هڪ ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ملڪ آءِ ايم ايف هٿان يرغمال آهي ڇاڪاڻ ته اڄ سڀ گڏجي به آءِ ايم ايف کان جان نه ٿا ڇڏائي سگهون.