ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪراچي جون  53 يونين ڪاميٽيون وڌائي ڇڏيون، يونين ڪاميٽين ۾ واڌ کانپوءِ ڪراچي ۾ يونين ڪاميٽين جو انگ246 مان وڌي  299 ٿي ويندو ، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ايم ڪيو ايم پاڪستان آخرڪار سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۾ يونين ڪاميٽين ۾ واڌ وارو مطالبو مڃرائي ورتو آهي، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ڪافي هفتن کان پ پ قيادت ۽ سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪري پنهنجو مطالبو ورجايو هو هو ته ڪراچي ۾ يونين ڪاميٽين جي انگ ۾ اضافو ڪيو وڃي، موٽ ۾ سنڌ حڪومت جي وزيرن پاران ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ لاءِ بهادرآباد جا چڪر لڳايا ويا، سنڌ سرڪار ڪالهه ڪراچي  جي يونين ڪاميٽين جي انگ ۾ 53 جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران ڪراچي شهر لاءِ 53 يونين ڪاميٽين جي واڌ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، انهي فيصلي تي عمل ايندڙ مڪاني چونڊن وقت ئي  ٿي سگهندو، واضح رهي ته هن وقت ڪي ايم سي جو 246 يونين ڪاميٽيون ڪم ڪري رهيون هيون، 53 يونين ڪاميٽين جي واڌ کانپوءِ ڪراچي شهر ۾ يونين ڪاميٽين جو انگ 299 ٿي ويندو، ٻئي طرف آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين يونين ڪاميٽين جي ورڇ ضلعي وار ٿيندي،  آبادي جي لحاظ کان جنهن ضلعي جي آبادي وڌيڪ هوندي، اتي وڌيڪ يونين ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون. ذريعمن موجب  يوسيز کانپوءِ شهر ۾ ٽائونن جي انگ ۾ به اضافي جو امڪان آهي. مبصرن انهي خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته آدمشماري ۽ يوسيز ۾ واڌ بعد ڪراچي جا مڪاني ادارا پنهنجو مدو شايد پورو نه ڪري سگهن، سنڌ حڪومت ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن بعد ڪو به سبب ڄاڻائي قانون جي آڙ وٺي مڪاني ادارا ٽوڙي  وڌايل يونين ڪاميٽين جي انگ موجب ٻيهر مڪاني چونڊ ڪرائي سگهي ٿي.

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران روينيو واري صوبائي وزير جي سربراهي هيٺ 10 رُڪني اعليٰ سطحي ڪاميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي، مخدوم محبوب الزمان جي سربراهي واري ڪاميٽي ۾ قانون بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ايم اين اي حڪيم بلوچ، ايم پي اي سليم بلوچ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن، ميمبر ڳوٺ آباد، لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سميت 10 ڄڻن کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت پاران 21 آگسٽ 2008 ع تي ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ بابت جوڙيل پاليسي تحت ڳوٺن  کي پڪو ڪرڻ لاءِ جائزو ورتو وڃي، رهائشي ۽ ڪمرشل هنڌن جي الڳ الڳ نشاندهي ڪئي وڃي،ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ بابت عدالتن ۽ نيب ۾ هلندڙ ڪيسن يا انڪوائرين بابت الڳ الڳ تصديق ڪئي وڃي، ڪاميٽي کي اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ بابت پنهنجون سفارشون سنڌ حڪومت حوالي ڪيون وڃن.