اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران توشا خاني جي تحفن تي هٿ صاف ڪندڙن جي جاري ڪيل تفصيلن ۾ سرڪاري توڙي نجي ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪيترائي صحافي به شامل، معمولي رقم ڏئي تحفا گهر  کڻي ويندڙ صحافين ۾ جيو نيوز جو ڊائريڪٽر نيوز رانا جواد، صحافي عامر الياس رانا، نواز رضا، خوشنود علي خان، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جا رپورٽر، ڪيمرا ميمن ۽ ڦوٽو گرافر به شامل آهن، تحفن جي جاري ڪيل تفصيلن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ 2002ع دوران سڌ سماءَ جي وفاقي سيڪريٽري انور محمود 2 واچون رڳو 4650 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيون، ائين 21 جون تي 75 هزار رپيا ماليت جي واچ ان 9750 رپيا ادا ڪري حاصل ڪئي، پي ٽي وي جي ڪنٽرولر محمد ڪامل، چيف ڪيمرا مين اقتدار حسين، پي آءِ ڊي جي ڦوٽو گرافر محمد طارق کي  17 سيپٽمبر 2002ع تي ڌار ڌار 30- 30 هزار رپين جي ماليت جون واچون مليون، جيڪي انهن 3- 3 هزار رپيا ادا ڪري ورتيون، ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرول نيوز انور سعيد کي 29 آڪٽوبر 2002ع تي 30 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 3 هزار رپيا ادا ڪري ورتي، خوشنود علي خان کي 31 جنوري 2003ع تي 85 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 11250 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، ائين خوشنود علي خان کي ساڳي تاريخ تي سوني منڊي ۽ ڪنگڻ مليو، جنهن جي ڪل ماليت 23500 هئي، ان 3450 رپيا ادا ڪري ٻئي شيون پاڻ وٽ رکيون، ساڳي تاريخ  تي خوشنود علي خان کي نوڪيا جو موبائيل سيٽ مليو، جنهن جي ماليت 9500 رپيا هئا، جيڪا هن مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، صحافي نواز رضا کي 31 جنوري 2003ع تي هڪ لک 15 هزار ماليت جي واچ ملي، جنهن جا ان 15750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، صحافي نواز رضا کي ساڳي تاريخ تي هڪ راڊو واچ ملي جنهن جي 18 هزار قيمت هئي، جنهن جا هن 1275 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، صحافي سليم بخاري کي 31 جنوري 2003ع تي 80 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن ساڍا 10 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، سليم بخاري کي ساڳي تاريخ تي هڪ راڊو واچ به ملي جنهن جي 18 هزار قيمت هئي، اها واچ 1200 رپيا ادا ڪري هن پاڻ وٽ رکي، صحافي عامر الياس رانا کي ساڳي تاريخ تي 85 هزار رپين جي ماليت جي واچ ملي، جيڪا ان 11250 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، عامر الياس رانا 18500 رپين جي راڊو واچ 1275 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، صحافي طارق محمود به 80 هزار ماليت جي واچ 10500 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، طارق محمود ساڍا 18 هزار رپين جي راڊو واچ 1275 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي ڪيمرا مين سيد جاويد حسين ڪاظمي کي 85 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 11250  رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، ائين ان راڊو واچ 18500 رپين جي 1275 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، عرب انٽرپريٽر بهرالله هزاروي کي 22 فيبروري 2003ع تي هڪ واچ 62 هزار رپين جي ملي، جيڪا هن 7800 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، ٻي روليڪس واچ 2 لک 70 هزار ماليت جي ملي جيڪا هن 39 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، هڪ واچ 45 هزار ماليت جي کيس ملي، جنهن جا هن 5250 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، هڪ نوڪيا جو موبائيل سيٽ ۽ جيولري سيٽ کيس مليو، ٻنهي شين جا هن 4425 رپيا ادا ڪري ورتيون، اي پي پي ڪراچي جي چيف رپورٽر راشد علي خان کي 30 هزار رپين جي واچ ملي جيڪا هن 3 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي رپورٽر ايم ارشد سليم کي 17 فيبروري 2004ع تي 15 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 750  رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرولر فقير احمد کي به ساڳي تاريخ تي 15 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هڪ 750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، ڪيمرا مين ثناءُ الله کي 11 مئي 2004ع تي 15 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي آءِ ڊي جي ڦوٽو گرافر محسن علي کي 29 سيپٽمبر 2004ع تي 18 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 1200 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، محسن علي کي ساڳي تاريخ تي هڪ ٻي واچ 14 هزار ماليت جي ملي جيڪا ان 600 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي انجنيئر رفاقت حسين کي 30 سيپٽمبر 2004ع تي 18 ۽ 14 هزار ماليت جون ٻه ڌار ڌار واچون مليون، جن جا هن ترتيبوار 1200 ۽ 600 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيون، اي پي پي جي رپورٽر علي عمران خان 6 آڪٽوبر تي 18 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 1200 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي ڪنٽرولر نيوز اسلام آباد مزمل احمد کي 18 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 1200 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، اي پي پي جي رپورٽر علي عمران کي 21 آڪٽوبر تي 15 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي چي جي چيف ڪيمرا مين محمد يونس خان کي 23 آڪٽوبر 2004ع تي 18 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 1200 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي چيف ڪيمرا مين محمد يونس کي هڪ ٻي واچ 5500 ماليت جي ملي جيڪا هن مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، پي ٽي وي جي رپورٽر حسن سيد 14 هزار ماليت جي واچ جا رڳو 600 رپيا ادا ڪيا، جاويد اقبال قريشي چيف نيوز ايڊيٽر اردو سرور اي پي پي اسلام آباد 18 هزار رپين جي واچ 1200 رپين ۾ حاصل ڪئي، اي پي پي جي ڦوٽو ايڊيٽر سهيل ناصر 18 هزار رپين جي واچ 1200 رپيا ادا ڪري ورتي، پي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن عبدالغفور ميمڻ کي ايڇ ٽري پيس 10 هزار رپين جي ماليت جو مليو جيڪو هن مفت ۾ پاڻ وٽ رکيو، ريڊيو پاڪستان جي ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز جاويد خان جدون کي 4 ڊسمبر 2004 تي 10 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرول نيوز فقير احمد کي 9 آگسٽ 2005ع تي 70 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي چيف ڪيمرا ميمن اقتدار حسين کي ساڳي تاريخ تي 70 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي سينيئر انجنيئر شاهد محمود کي 15 آگسٽ 2005ع تي 70 هزار جي ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي انجنيئر مسعود عالم، اي پي جي سينيئر رپورٽر علي عمران کي به 70 -70 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪي هنن 9- 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيون، 24 آگسٽ 2005ع تي پي ٽي وي جي چيف ڪيمرا مين ثناءُ الله چوڌري کي 70 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي ايڊيٽر ارشد سليم کي 21 مارچ 2006ع تي 70 هزار ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي سينيئر نيوز ايڊيٽر عثمان غني ميمڻ کي 21 مارچ تي 2006 تي 70 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 9 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، وزيراعظم جي پريس سيڪريٽري سميع سعيد کي 15 مارچ 2007ع تي 30 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا هن 3 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، 8 جولاءِ 2008ع تي پي آءِ ڊي جي ڦوٽو گرافر سيد علي عمران رضوي کي 20 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا 15 سئو رپيا ادا ڪري هن پاڻ وٽ رکي، پي ٽي وي جي ڪيمرا مين يونس خان کي 10 فيبروري 2009ع تي 25 هزار رپين جي واچ ملي جيڪا هن 2250 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، 4 مئي 2010ع تي اي پي پي جي رپورٽر شاهد سليم خان کي 40 هزار رپين جي واچ ملي، جيڪا هن 4500 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، اي پي جي رپورٽر شفيق قريشي کي 8 هزار جي واچ ملي جيڪا هن بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي، ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرولر نيوز جاويد اخبر کي 40 هزار رپين جي واچ ملي جيڪا هن 4500 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي، 22 نومبر 2010ع تي پي ٽي وي جي رپورٽر مصدق ڪليم کي 40 هزار رپين جي واچ، پين، ٽائي، ڪف لنڪس مليون، جيڪي هن 4500 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيون، صحافي رئوف ڪلاسرا کي هڪ لک 20 هزار رپين جي واچ ملي جيڪا هن توشا خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، پي ٽي وي جي چيف ڪيمران صلاح الدين ملڪ کي واچ، پين، ٽائي ۽ ڪفلنڪس 40 هزار ماليت جون مليون، جيڪي هن 4500 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، پي ٽي وي جي انجنيئر رفاقت حسين کي 24 فيبروري 2011ع تي پرفيوم ڪٽ، باڊي اسپري، باڊي جيل، لائيٽر ۽ ٻيا تحفا مليا، جن جي ڪل قيمت 75 هزار طئي ڪئي وئي، جن مان هن 9750 رپيا ادا ڪري تحفا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، ساڳئي تاريخ تي ساڳي نوعيت جا تحفا ڪيمرا مين هدايت الله ابڙو کي مليا، ان به 9750 رپيا ادا ڪري تحفا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، 2 اپريل 2011ع تي پي ٽي وي جي رپورٽر ارسلام اسد کي پرفيوم، باڊي اسپري، باڊي جيل ۽ ٻيا تحفا مليا جن جي قيمت 75 هزار رپيا طئي ڪئي وئي، جيڪي هن 9750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيا، 5 جولاءِ 2011ع تي پي ٽي وي جي ڪيمرا مين شاهد احمد کي ڪف لنڪس جو جوڙو، پين ۽ پرس مليا، جيڪي هن مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، ساڳيا تحفا ساڳي تاريخ تي پي ٽي وي جي انجنيئر عبدالغفار، رپورٽر مصدق ڪليم، ڦوٽو گرافر محمد طارق، اي پي پي جي رپورٽر شمائلا عندليب، ڪيمرا مين الي انيس کي مليا جيڪي انهن بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيا، 10 سيپٽمبر 2011ع تي پي ٽي وي جي انجنيئر رفاقت حسين، اي پي پي جي ڪيمرا مين هدايت الله ابڙو، پي ٽي وي جي ڪيمرا مين عبدالرئوف  کي هڪ واچ 35، 35 هزار ماليت جون واچون مليون، جيڪي انهن هر هڪ 3750 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيون، جڏهن ته 26 سيپٽمبر 2011 تي اي پي پي جي ڪيمرا مين ساجد حميد کي 60 هزار رپين جي ماليت جي واچ ملي، پي ٽي وي جي انجنيئر محمد افضل تنوير، پي آءِ ڊي جي ڦوٽو گرافر محمد طارق کي 75، 75 هزار ماليت جون واچون مليون، انهن هر هڪ 9750 رپيا ادا ڪري اهي تحفا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، 24 فيبروري 2012ع تي اي پي پي جي رپورٽر شفيق قريشي، پي ٽي وي جي رپورٽر ارسلان اسدکي 60- 60 هزار ماليت جون واچون مليون، جيڪي انهن 10-10 هزار رپيا جمع ڪرائي اهي تحفا پاڻ وٽ رکيا، 6 مارچ 2012ع تي پي ٽي وي جي انجنيئر غلام مرتضيٰ، اي پي پي جي ڪيمرا مين هدايت الله ابڙو، پي ٽي وي جي ڪيمرا عبدالرئوف، پي آءِ ڊي جي ڦوٽو گرافر ارشد علي کي 6500 رپيا ماليت جون پينيون مليون، جيڪي انهن بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيون، 3 مارچ 2014ع تي پي ٽي وي جي رپورٽر صلاح الدين ملڪ کي 65 هزار رپين جي واچ ملي، جيڪا هن 10 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، 9 ڊسمبر 2014ع تي پي ٽي وي جي نيوز پروڊيوسر لاهور کي بال پين تحفي ملي جيڪا هن بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي،  مارچ 2016 تي اي پي پي جي ڪيمرا مين ايم ظهير ، پي آءِ ڊي جي ڦوٽوگرافر ايم حنيف کي پين، ڪف لنڪس جو جوڙو ۽ واچ باڪس 50 ،50 هزار ماليت جون مليون جيڪي انهن 8، 8 هزار رپيا جمع ڪرائي پاڻ وٽ رکيا، 17 مارچ 2016 تي پي ٽي وي جي رپورٽر هارون الاهي، پي ٽي وي جي انجنيئر افضل تنوير، ڪيمرا مين عمران حسين کي 50-50 هزار رپين جا ڪف لنڪس، بال پين ۽ واچ تحفي ۾ ملي جيڪا هنن 8-8 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيون، ائين ساڳي تاريخ تي پي ٽي وي جي انجنيئر افضل تنوير، ڪيمرا مين صفدر علي، پي آءِ ڊي جي ڦوٽوگرافر محمد حنيف کي هڪ لک 10 هزار ماليت جون واچون مليون، جيڪي انهن 20-20 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيون، اي پي پي جي رپورٽر ايم الياس خان کي 19 مئي 2016ع تي 50 هزار ماليت جو تحفو مليو جيڪو هن 8 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيو، پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر شازيه سڪندر کي هڪ واچ تحفي ۾ ملي، جيڪا هن بنا ادائگي جي پاڻ وٽ رکي، 17 نومبر 2016ع تي صحافي عامر الياس رانا کي 50 هزار رپين جي ماليت جي واچ ملي جيڪا هن 8 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي، پي ٽي وي جي ڪيمرا مين محمد اڪرم، انجنيئر محمد دانش، اي پي  پي جي ڪيمرا مين محمد نعيم، پي آءِ ڊي جي ڦوٽوگرافر محمد عزيز کي 28 نومبر 2017ع تي هڪ ، هڪ لک ماليت جون واچون تحفي ۾ مليون، جيڪي هنن 14، 14 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيون، جيو نيوز جي ڊائريڪٽر نيوز رانا جواد کي 21 ڊسمبر 2017ع تي هڪ لک 10 هزار ماليت جي واچ ملي، جيڪا ان 20 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏي.