تل ابيب (م ڊ) عرب امارات ناتن جي بحالي جي هڪ سال جي اندر ئي اسرائيل ۾ پنهنجو سفارتخانو قائم ڪري ورتو آهي. سفارتخانو تل ابيب اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح ڪالهه ڪيو ويو. عرب امارات اسرائيل سان ناتا قائم ڪندڙ ٽيون اهم ملڪ بڻجي ويو آهي. تقريب ۾ اسرائيل جي نئين چونڊيل صدر اساڪ هرزوگ ۽ اماراتي سفير محمد الخاجا شرڪت ڪئي.