ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي جَي ڊفينس، اورنگي ٽائون، صدر، برنس روڊ، ڪياماڙي، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي. سيوھڻ ۾ زوردار برسات پئي شھر جا ھيٺيان علائقا مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويا، روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ٻئي طرف سبب شھر جي بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو.ٽنڊوالهيار ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات پئي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڪچا گهر ڊهڻ جا پڻ اطلاع آهن. گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جو وسڪارو، گرمي جو زور ٽٽي ويو. سٺ ميل ۽ آسپاس 3 چڪ، سهيلو، 8 چڪ، 5 چڪ، ڪرنل موڙ، سلطان موري، 18 شاخ، سئي گيس، قاضي اسٽاپ، هوت فقير ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، سرهاري شھر ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جو وسڪارو گرمي جو زور ٽٽي ويو بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. شاهپورچاڪر ۾ برسات جو وسڪارو، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.دوڙ ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو وسڪارو ٿيو. پڊعيدن ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات پئي،کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو وسڪارو جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي بند ٿي وئي.دريا خان مري ڳوٺ عطا محمد لاشاري ڳوٺ سجاول خاصخيلي منگيا موري ڳوٺ جاڙي سميت آسپاس وارن علائقن ۾ زوردار برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، گهوڙ اٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ به برسات پئي.