بغداد(انٽريسٽنگ نيوز) عراق ۾ هڪ اک واري ٻار جي پيدائش ڊاڪٽرن کي حيران ڪري ڇڏيو، ٻار پيدائش جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي لاڏاڻو ڪري ويو. رپورٽن موجب عراق جي هڪ اسپتال ۾ هڪ اک واري ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن. صحت کاتي جي عهديدار موجب عراق جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عرب خاندان ۾ اهڙي ٻار جنم ورتو، جنهن جي هڪ اک آهي، ٻار جي ولادت جمعي ڏينهن ذيقار ڪمشنري جي الرفاعي اسپتال ۾ ٿي. عهديدار ٻڌايو ته اهو تمام گهٽ ٿيندو آهي، هڪ اک وارو ٻار پيدائش کانپوءِ ڪجهه دير ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو. سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار جي واحد اک چهري جي وچ ۾ آهي. اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهڙي قسم جا ٻار والدين جي رت ۾ هم آهنگي نه هجڻ سبب پيدا ٿيندا آهن، ڪڏهن حمل دوران جراثيم جي موجودگي به ان جو ڪارڻ بڻجندي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ماڻهن موجب دنيا ۾ دجال اهڙو ماڻهو هوندو جنهن جي هڪ اک هوندي ۽ اها به منهن جي وچ تي هوندي. پر ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته اهو سڀ ڪجهه والدين جي رت جو ڪمال آهي جنهن جي ڪري اهڙا ٻار پيدا ٿيندا آهن.