ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستاني نوٽ هجي يا سڪو ان تي قائداعظم جي تصوير هوندي آهي. پر ڪو وقت هو جو پاڪستاني نوٽن تي ٻئي ملڪ جو نالو هوندو هو ۽ اهو به انهن جي ٻولي ۾. گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته نوٽن تي نالو اسان جي پاڙيسري ملڪ بنگلاديش جو هوندو هو جيڪو ڪڏهن اسان جو ئي حصو هو پر 1971 ۾ ڌار ٿيو. ڪرنسي نوٽ 10، 100، 500 يا هزار جي نوٽن تي بنگالي ٻولي لکيل هوندي هئي. فرق اهو هو ته اردو ٻولي ۾ لکيل ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي بنگالي هوندي هئي.