ڄامشورو :سنڌ يونيورسٽي مان کنڀي 6 شاگردن جي گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ خلاف شاگردن پاران   ٿاڻي جو گهيراء ڪيو ويو، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي سيوهڻ /ڄامشورو روڊ بلاڪ ڪيو ويو، شاگردن عديل لغاري، محمد اسلم انڙ، نادر ڀنگوار، اجمل ڀنگوار، راشد گاڏهي، آڪاش ملاح جي   آزادي جو مطالبو ڪيو. شاگرد اڳواڻن علي رضا بروهي، جبار بوزدار، پرويز سنڌي سرمد چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ  ھو ته پوليس سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلون تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيل 15 شاگردن مان 9 شاگردن جي گرفتاري ظاهر ڪئي ڪندي کين ڪيس ۾ نامزد ڪيو پر هن وقت تائين 6 شاگرد گم آهن، ھنن چيو ته عديل لغاري، محمد اسلم انڙ، نادر ڀنگوار، اجمل ڀنگوار، راشد گاڏهي، آڪاش ملاح کي ظاهر ناهي ڪيو ويو، شاگردن کي گم ڪري کين بدترين تشدد ڪيو ويو آهي، گم ڪيل شاگردن کي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي، هوڏانهن ٿاڻي تي ڌرڻي بعد ڪو به پوليس عملدار شاگردن لاءِ ڳالهين لاءِ نه پهتو جنهن بعد شاگردن ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين شاگردن جو ڌرڻو جاري هيو، جڏهن گرفتار شاگردن کي پڻ آزاد نه ڪيو ويو.