ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ پاران سوشل ميڊيا تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن جي جبري گمشدگين خلاف وزيراعليٰ هائوس اڳيان مظاهرو، پوليس سي ايم هائوس ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ اڳواڻن آفتاب صديقي ۽  خرم شير زمان جو چوڻ هو ته پوليس پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري رهي آهي. اسان وزيراعليٰ وٽ يادداشت نامو جمع ڪرائڻ آيا هئاسين پر پوليس اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي. هنن چيو ته اسان جا کنڀيل ڪارڪن ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ناهن، کين بنا دير آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ وزيراعلي هائوس اڳيان پيل ڪنٽينرن جو لحاظ نه ڪنداسين.