ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جا گرفتار 9 شاگرد هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ٿي ويا.  6 شاگرد لاپتا آهن، جن جي آزادي لاءِ شاگردن ٿاڻي جو گهيراء ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ان ڏس ۾ گذريل ٻه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلون تي پوليس چڙهائي دوران گرفتار ڪيل 9 شاگردن حسنين جوڻيجو، علي رضا بروهي، ثقلین سنڌي، زاهد ڏاهري، مور شاھ، جبار بوزدار، بهرام پنهور، پرويز ٻرڙو، اسد نواب ڪلهوڙو کي ڄامشوري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ اسپيشل مئجسٽريٽ ون ساجد چانگ جي عدالت ۾ شاگردن کي پوليس پاران ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو عدالت شاگردن کي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي دهشتگردي، بغاوت ۽ ڊيوٽي اٽڪا ڪيس ۾ گرفتار ٿيل نئون ئي شاگردن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس ۾ نامزد حسنين جوڻيجو، علي رضا بروهي، ثقلین سنڌي، زاهد ڏاهري، مور شاھ، جبار بوزدار، بهرام پنهور، پرويز ٻرڙو، اسد نواب ڪلهوڙو کي نامزد ڪري سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي،آزاد ٿيل شاگردن جو عدالت جي گيٽ تي ساٿي شاگردن پاران ڀرپور استقبال ڪري کين گلن جا هار پارايا ويا، آزاد ٿيل شاگردن چيو ته هو شاگردن جي حقن جي ڳالھ ڪندا رهندا، انتظاميا پرامن سياست ڪرڻ نٿي ڏي شاگرد هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي ڏنڊا ٻيڙيون شاگردن جي حقن کي جهڪائي نه ٿا سگهن، پرامن شاگردن تي دھشتگردي جا قلم لڳائڻ بدترين ظلم آهي جنھن جي سموري سنڌ مذمت ڪري ٿي.