اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سياسي قيادت کي سياسي استحڪام لاءِ  ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، سياسي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو، عدليه کان سياسي تڪرار حل نه ٿيندا، اسلام آباد ۾ عالمي جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب دوران چيف جسٽس چيو ته عالمي جڊيشل ڪانفرنس ڪوٺائڻ سان عدالتي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. چيف جسٽس چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي تباهي آئي، متاثرن جا اهنج گهٽائڻ لاءِ عدليه ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئين ۾ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي، ملڪ جو آئين عوامي ڀلائي جو ترجمان آهي. هن چيو ته يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ آئين جي پاسداري ڪئي وئي، عدالت پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي ڪالعدم قرار ڏئي آئين جي پاسداري ڪئي، آئين تحت عوامي حقن جو  تحفظ عدليه جي ذميواري آهي. چيف جسٽس چيو ته جهموريت جي مضبوطي آئين ۽ قانون جي حڪمراني سان جڙيل آهي، عدليه کي بنا ڪنهن تعصب جي قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻو آهي، انساني حقن جي تحفظ لاءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتا، گورننس پڻ قانون جي بالادستي جو اهم حصو آهي.چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي، عدليه سدائين پارليامينٽ جو احترام ڪندي آهي، ايگزيڪيوٽو پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري ته عدالت کي سياسي معاملن ۾ مداخلت جِي ضرورت ئي نه پوندي، عدليه آرٽيڪل 62 وَن ايف تحت چونڊيل سياسي نمائندن کي نااهل ڪيو، تاريخ سمورن سٺن ۽ خراب فيصلن کي ياد رکندي، ضرورت اُن ڳالهه جِي آهي ته عدليه پنهنجون غلطيون نه ورجائي، سمورا ججز آئين ۽ پنهنجي حلف جِي پاسداري ڪن ته مسئلا ختم ٿي ويندا، عدالتن کي اهڙي طريقي سان فرض نڀائڻ گهرجن جو ڪير آڱر نه کڻي سگهي، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن بابت چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪيسن جو بار گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عدليه آئين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان هڪ ترقي يافته رياست بڻبو. چيف جسٽس چيو ته عدليه اڪيلي سر سمورا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، عدليه سميت سمورن آئيني ادارن کي سٺي نموني پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مون کي يقين آهي ته موجوده ججز ڪنهن کي آئين جي نفي ڪرڻ نه ڏيندا، عدليه آئين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، پارليامينٽ ۽ حڪومت ڪارڪردگي سان ترقي يقيني بڻائي تنزلي نه، هن چيو ته عدليه نظريه ضرورت کي دفن ڪري جمهوريت لاءِ سپريم ڪردار ادا ڪيو، چيف جسٽس عدم اعتماد رٿ سان اسيمبلي ٽوڙڻ کي غيرقانوني قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪ ۾ پهريون ڀيرو پرامن اقتدار جي منتقلي ڏٺي، خالص سياسي تڪرارن جو حل عدليه سان نه پر سياسي ڳالهين سان ڪڍي سگهجي ٿو.