اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اندروني سنڌ ۾ بدترين غلامي آهي، حقيقي آزادي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو، اسلام آباد ۾ اسٽوڊنٽس ڪنونشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته انسانن جي بدترين غلامي ڏسڻي آهي ته اندروني سنڌ هليا وڃو، جهڙي طرح وڏيرا اتي انسانن کي رکن ٿا، آئون يقين سان چوان ٿو ته جانورن کي به جيڪڏهن ايئن مغرب ملڪن ۾ رکيو وڃي ته کين جيل موڪلي ڇڏيندا، جانورن ۽ انسانن جي معاشري ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي ته انسانن جي معاشري ۾ انصاف ٿيندو آهي، جتي انصاف ناهي ٿيندو اهو معاشرو جانورن کان به هيٺ هلي ويندو آهي هن چيو ته اسان سڀني کي الله تعاليٰ طاقت ڏني آهي، اسان سڀني ۾ صلاحيت آهي ته ڪجهه به ڪري سگهون ٿا، پر زنجير ٻڌل آهن جيڪي اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪن ٿا،  حقيقي آزادي ۽ پنهنجي نسلن لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اڄ به پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو عورتن کي سندن بنيادي حق نه ملي رهيا آهن، جيڪي 1500 سال اڳ نبي ڪريم صلعم ڏنا هئا.  پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته رياست مدينا ۾ خليفه به عدالت ۾ پيش ٿيندا هئا، سمورن غريب ملڪن ۾ زرداري ۽ نواز شريف جهڙا ماڻهو پئسو ٻاهر کڻي ويندا آهن، جڏهن ملڪ تي چور حڪمراني ڪندا ته ترقي ڪيئن ٿيندي. عمران خان چيو ته چورن اسان جي ملڪ جي قبضو ڪري ورتو آهي، هر روز واري واري سان سندن ڏوهه معاف ڪيا پيا وڃن، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ باقي بچيل ماڻهن کي به جيلن مان آزاد ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ فيصلائتو وقت آهي، شهباز شريف هر هنڌ پنڻ شروع ٿو ڪري ڇڏي، هر هنڌ وڃي چوي ٿو ته گهرڻ ناهيان آيو پر مجبور آهيان، شهباز شريف هر جڳهه تي پاڪستان کي ذليل ڪرائيندو آهي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ سينيٽ ميمبرن جو اهم اجلاس ٿيو ، حقيقي آزادي جي تحريڪ جي فيصلائتي مرحلي ۽ تيارين جي حوالي سان به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي صورتحال ۽ سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي مدد ۾ ناڪامي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ بدترين مهانگائي، معاشي تباهي، سياسي ڪارڪنن خلاف ڪاررواين، ميڊيا تي پابندين جي مامري کي سينيٽ ۾ اٿارڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته تيزي سان تباهه ٿيندڙ معيشت ۽ ڳنڀير ٿيندڙ سياسي عدم استحڪام جي فوري درستگي جي ضرورت آهي، مجرمن کي اين آر آو 2 ڏئي ملڪ ۽ قوم سان سنگين ۽ مجرماڻي مذاق ڪئي وئي آهي، چونڊن جي اعلان سان ان جو تدارڪ ٿيندو، ڪروڙين پاڪستاني ٻوڏ جهڙي آفت ۾ ورتل آهن، ڪرائيم منسٽر وزيرن سميت قوم جي پئسي تي عياشيون ڪري رهيو آهي، حقيقي آزادي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ فيصلائتو سڏ ڏيندس، اڄ ڇنڇر ڏينهن تي رحيم يار خان ۾ اهم خطاب ڪندس.