حيدرآباد: چندا جي والده شريمتي آمري ۽ ڀيڻ سونو مهاراج ٻڌايو ته چندا کي زبردستي اغوا ڪرڻ بعد سندس مذهب تبديل ڪرايو ويو ۽ بعد ۾ شمن مگسي ساڻس شادي ڪري ڇڏي آهي. چندا خوف ۾ آهي ان لاءِ اسان جي حق ۾ بيان نٿي ڏي. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن دارالامان ۾ رهي ته هو ساڻن گڏ وڃڻ لاءِ بيان ڏيندي. عدالتي پيشي دوران چندا ٻن مهينن کانپوءِ پنهنجي والده ۽ ڀينرن کي ڏسي ساڻن چنبڙي اوڇنگارون ڏئي روئيندي رهي جنهن دوران عدالت ۾ جذباتي منظر نظر آيا. چندا جي والده ۽ ڀينرون به پار ڪڍندي روئيندي کيس آٿت ڏينديون رهيون ته هو ساڻس گڏ آهن پر چندا ڪجهه دير وارثن وٽ بيهڻ بعد عدالتي ڪمري ۾ رواني ٿي وئي.