حيدرآباد: سائيٽ پوليس هڪ ڏينهن اڳ ڊرامائي انداز ۾ چندا کي ڪراچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي حيدرآباد منتقل ڪيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته چندا 12 آگسٽ 2022ع تي انڊس ڊائمنگ مل مان گهر واپسي بعد پراسرار نموني گم ٿي هئي. 17 سيپٽمبر تي سائيٽ پوليس سندس ماءُ شريمتي آمري زال مالو مهاراج جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ فريادڻ ڄاڻايو هو ته جعفرآباد ضلعي جي اوستا محمد جي ڳوٺ محمد عالم مگسي سان تعلق رکندڙ شمن علي مگسي پٽ حضور بخش مگسي ٻن ساٿين سان گڏجي سندس ڌيءُ کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. سائيٽ پوليس چندا پاران ڪراچي جي هڪ مدرسي ۾ اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو اقرا رکڻ ۽ 30 سيپٽمبر تي نوجوان شمن علي مگسي سان پسند جو پرڻو ڪرڻ بابت نڪاح نامو به عدالت ۾ پيش ڪيو.